
Nephrotic syndrome
نيف.رو.ٽڪ.سن.ڊروم
اھڙين نشانين ۽ علامتن جو مجموعو جنھن ۾ گلوميريولي (glomeruli، بڪيءَ جا ڇاڻ ايڪا) کي نقصان پھچڻ کانپوءِ شديد پروٽِينيوروا (proteinuria، رت مان پروٽين جو پيشاب ۾ ضايع ٿيڻ) پيدا ٿئي ٿو. اھو سنڊروم ڊائبِيٽيز ميلائيٽس (diabetes mellitus)، اَميلوئاڊوسس (amyloidosis)، گلوميرولونيفرائيٽس (glomerulonephritis)، شديد ھائپرٽينشن (hypertension)، زھرن لاءِ ردعمل يا دوائن جي موٽ ۾ اگرو اثر پيدا ڪري ٿو. نيفراٽڪ سنڊروم جي مکيو نشاني، ايڊيما (oedema، پاڻيٺ ڀرجي وڃڻ) سبب ٽنگن ۽ منھن جي سوڄ ٿئي ٿي. ان کانسواءِ پاڻيٺ ڇاتيءَ جي ڀانڊي ۾ گڏ ٿي پلورل اِفيوزن (pleural effusion) يا پيٽ ۾ پاڻي جمع (ascites) ڪري سگهي ٿي. ان کانسواءِ دست، سستي ۽ اينوريڪسيا (anorexia) به ٿي سگهن ٿا. علاج جو مدار اصلي ڪارڻ آھر ڪجي ٿو. گهٽ لوڻ وارو کاڌو کائڻ جي سفارش ڪجي ٿي ته ڊائِيوريٽڪ دوائون به ڏئي سگهجن ٿيون ته جيئن ايڊيما گهٽائي سگهجي. ورلي، اي سي اِي انھبٽر (ACE inhibitors)، ڪورٽيڪوسٽِيروائڊ (corticosteriods) يا اِميونوسپريسنٽ (immunosuppressants) به استعمال ڪري سگهجن ٿيون. جيڪڏھن رت ۾ پروٽين جي گهاٽائي گهڻي گهٽ ھجي ته نس رستي پروٽين ڏئي سگهجي ٿي.
اڏيار
ذ. صفت. [سن. ١. اَتيَايَه = پري ويندڙ، پاسو ڪندڙ؛ ٢. اَتياچار = ريتين رسمن کان پري ڀڄندڙ] گوشو ڪندڙ. مخالفت ڪندڙ ”صوفي سالم سي ويا، جي اڪثر سين اڏيار“.
ڌاريا، ڌارين جا يارَ.
ڌاريا پاڻ ۾ ڀلي ذات، قبيلي ۽ قوم جي حوالي سان ڌار ڌار هُجن، پر اُنهن جا مفاد پاڻ ۾ سلهاڙيل ۽ هڪجهڙا هوندا آهن، انڪري اُهي نه چاهيندي به پاڻ ۾ جُٽُ ۽ گڏ هوندا آهن.
SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.
Visit the siteSLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.
Visit the libraryFor the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.
Go to portal