SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


Neo-Functionlism

(click word to listen sound
  • 🔊
  • neo
  • functionlism
  • )

From the Dictionary of International Relations:

Neo-Functionlism

نيئوفنڪشنلزم

نيئوفنڪشنلزم

ويهين صديءَ جي پوئين اڌ ۾ هن اصطلاح کي سياسي سائنسدان ”هاس“ 1958ع ۾ يورپ ۾ ڪوئلي ۽ فولاد جي صنعتن ۾ ٿيل تڪڙي ترقيءَ ۽ عالمي سطح تي انهن وکرن جي وڌيل واپار سبب يورپي ملڪن جي ترقيءَ تي پوندڙ هاڪاري اثرن جي حوالي سان متعارف ڪرايو. معاشيات جي علم جي لحاظ کان ڪنهن به صنعت جي ترقيءَ ۽ واڌاري لاءِ مُختلف ملڪن طرفان، جيڪي الڳ الڳ ڪوششون ورتيون وڃن ٿيون، انهن کي ”نيئوفنڪشنلزم“ جي تصور جو حصو سمجهيو وڃي ٿو. ان کان علاوه ڪنهن به خطي ۾ پئٽرول ، ڪيميائي عنصر، ڪوئلو، ڪچو لوهه، فولاد، رٻڙ ۽ ٻيا قيمتي وسيلا ملن ٿا ته اهو خطو، انهن شين جي پئداوار وڌائڻ ۽ مُناسب قيمتون مقرر ڪرڻ کان سواءِ، امپورٽ ۽ ايڪسپورٽ جو طريقي ڪار مقرر ڪري ٿو.” فنڪشلزم“ ۽ ”نيئو فنڪشلزم“ جي تصورن ۾ وڏو فرق اهو آهي ته ”فنڪشنلزم“ تحت ڪو به معاملو سڄي دنيا جي مُختلف ادارن ۽ ذميوارن آڏو يا سامهون رکي حل ڪيو ويندو آهي. جڏهن ته ”نيئوفنڪشنلزم“ تحت هر مسئلي کي خطي يا ريجن جي مامرن کي نظر ۾ رکندي حل ڪيو ويندو آهي. ان کان علاوه ”فنڪشنلزم“جو اصطلاح ملڪن جي سياست ۽ معيشيت کي مضبوط ڪرڻ لاءِ مُشاورتي لحاظ کان استعمال ٿيندو آهي، جڏهن ته ”نيئوفنڪشنلزم“ جو اصطلاح ڪنهن به مخصوص خطي جي ادارن کي مضبوط ڪرڻ لاءِ استعمال ڪيو ويندو آهي. ”نيئوفنڪشنلزم“ جو وڏو مثال 1950ع ۾ اولهه يورپ ۾ نظر آيو. جڏهن ”يورپين ڪول اينڊ اسٽيل ڪميونٽي“، ”يورپين ڊفينس ڪميونٽي“، ”يورپين اڪنامڪ ڪميونٽي“ ۽ اهڙي قسم جا ٻيا سڀ ادارا اولهه يورپ جي خطي ۾ سياسي، معاشي، سماجي ۽ سيڪيورٽي جي مسئلن کي حل ڪرڻ، علائقي جي مُلڪن وچ ۾ سياسي ۽ معاشي ويجهڙائي قائم ڪرڻ لاءِ قائم ڪيا ويا. انهن ادارن کي مضبوط ڪرڻ لاءِ 1979ع ۾ ”يورپين پارليامينٽ“ جي نالي ۾ زبردست سياسي فورم به وجود ۾ آيو. جنهن جي سڄي يورپ مان چونڊيل سياسي قيادت، يورپ جي مُختلف ادارن جي مضبوطيءَ جو مشن کڻي اڳتي وڌي ۽ سندس اهڙي ڏاهپ خطي جي صورتحال کي مڪمل طور تبديل ڪري ڇڏيو. يورپ ۾ متعارف ڪرايل ”نيئوفنڪشنلزم“ جو نظريو، آمريڪا ۾ جنم وٺندڙ ”پلورلزم“ جي نظريي جهڙو ئي آهي، جنهن جو بنيادي مقصد خطي ۾ گڏيل سياسي ايجنڊا طئه ڪرڻ ۽ خطي جي سڀني ملڪن جي سهڪار تي ٻڌل (خاص طور تي معاشي سرگرمين لاءِ) هڪ مرڪزي ادارو يا تنظيم قائم ڪرڻ ۽ انهيءَ اداري اندر ڪم ڪندڙ مُختلف شعبن کي متحرڪ ۽ فعال بڻائڻ وارا نُڪتا شامل آهن. ”نيئوفنڪشنلزم“ جي نقادن جي خيال ۾ هن نظريي جي طريقيڪار جي وڏي خامي ان جو مخصوص خطي تائين محدود هجڻ آهي، جنهن ڪري ان تصور مٿان قومي رياست واري تصور جي وڪيلن ۽ بين الاقواميت پسند ماهرن طرفان تنقيد جو خدشو رهندو آهي. ان جو هڪ مثال فرانس جي ’گاليت پسندن‘Gaullists) ) طرفان يورپي خطي جي اڻ سونهندڙ گڏپ تي ٿيل تنقيد آهي، جنهن بعد ۾ سنجيده صورتحال اختيار ڪري ورتي. جنهن جي نتيجي ۾ يورپي ميلاپ جو هڪ بهتر نمونو ”يورپي يونين“ ۽ ”يورپي پارليامينٽ“ جي صورت ۾ سامهون آيو.


Remember Me Also:

ٽپيت

ذ. صفت. ڀَريل ، ڦَڦڪيل ، ٽِمٽار ، تارِ.

Let's Learn Sindhi

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal