SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


Nazism

click word to listen sound (Source: google)
  • 🔊
  • nɑːtsizəm

From the Dictionary of International Relations:

Nazism

نازي ازم

نازيت

جرمن ٻوليءَ جي اصطلاح Nationalsozialismus (قومي سماج- واد) پٺيان مشهورهن نظريي جو بُنياد 1919ع ۾ برپا ڪيل ’نيشنل سوشلسٽ ورڪرز پارٽي‘ (نازي پارٽي) ۽ جڳ- مشهور آمر ’ايڊالف هٽلر‘ جي انتها پسند جرمن قومپرستيءَ جي بنيادن تي قائم حڪومت جي تصورن ۽ عمل تي بيٺل آهي . هي نظريو حياتياتي بنيادن تي بيان ڪيل نسل- پرستيءَ ۽ سامي نسلن کان نفرت جي بنياد تي قائم ٿيو ۽ ان کاٻي توڙي ساڄي ڌُر جي انتها پسنديءَ کي ڪٺو ڪري پنهنجو نظرياتي خاڪو جوڙيو. هي نظريو آريائي نسل کي دنيا جو بهترين ۽ اُتانهون نسل سمجهندي ، ان جي پوترتا ۽ عظمت ۾ دنيا جي ڀلائي سمجهندو هو ۽ يهودين کي دنيا جو بدترين انساني نسل سمجهندي کين مڪمل طور نابود ڪرڻ جي وڪالت ڪندو هو. ڇاڪاڻ جو ’نازي ازم‘ موجب دنيا ۾ جيڪا به بدي ۽ پستي موجود آهي ، ان جو اصل سبب يهوديت آهي، جنهن پنهنجي روايتي چالاڪين سان پنهنجو وجود برقرار رکڻ لاءِ دنيا جي ٻين قومن ۽ نسلن کي نهوڙي رکيو آهي . انهيءَ ڪري ’نازيت‘ يهودين سان گڏ هم جنس پرستن ، خانه بدوش قبيلن ، ڪاري چمڙيءَ جي ماڻهن ، ذهني ۽ جسماني طور معذورن ۽ سماج جي ٻين ڪم- تر ۽ پنگلن طبقن کي ناس ڪرڻ واري عمل کي دُرست قرار ڏنو . هن نظريي معيشيت جا بنياد سماج- وادي ۽ پونجي- وادي سرشتن کان ڌار ۽ ساڄي ڌُر جي انتها پسنديءَ سان سلهاڙيل رکيا ۽ ان کي پنهنجي سياسي ايجنڊا جي ماتحت رکيو . خانگي ملڪيت جي حمايت ڪندي ان سرشتي سماج ۾ قابل ، باصلاحيت ۽ صحتمند ماڻهن جي برتريءَ کي جائز ۽ ’فطري‘ قرار ڏنو . انهيءَ نظرياتي ترجيحن جي حاصلات لاءِ نازي جماعت سندس اڳواڻ ايڊالف هٽلرجي حڪومت (1945-1933ع) تائين ڏينهن رات هڪ ڪري ڇڏيو ۽ راهه ۾ اُٿندڙ هر مخالفت کي انتهائي بي رحميءَ سان چٿيو .


.


Other Phrases of Nazism used in Daily life:

Remember Me Also:

ارڙمرڙ

ث. مروڙ سروڙ ، ٻڪر ٻوساٽ.

Let's Learn Sindhi

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal