فطري بنائڻ جو عمل- فطرت موجب ٿيڻ
نيچرلائيزيشن
نئين ملڪ جي شهريت ملڻ جو عمل
اصل ڄمڻ واري ملڪ کان ٻاهر ٻئي ملڪ ۾ رهندي،شهريت/قوميت جو درجو ملڻ جو عمل ، جنهن ۾ قانوني گهرجون پوريون ٿيڻ کان پوءِ لاڳاپيل شخص کي نئين ملڪ جي شهريءَ طور مڃتا ملندي آهي. ان سلسلي ۾ هر ملڪ جا قانون جدا جدا هوندا آهن، پر عام طرح طئي ٿيل مدي دوران ڪل-وقتي رهائشيءَ طور گذارڻ،ميزبان ملڪ جي قانونن جي پوئواري ڪرڻ ۽ ڪن صورتن ۾ پيدائشي ملڪ جي شهريت تان هٿ کڻڻ جي صورت ۾ نئين ملڪ جي شهريت ملندي آهي. شهريت ملڻ جو هي عمل انفرادي طور تي ڪنهن به موروثي رياست طرفان شهريءَ جون بنيادي آزاديون کسڻ، رياستي اختيارين پاران جان جو تحفظ نه ڏيڻ، مذهبي يا نظرياتي تفاوتن سبب اصل ملڪ ڇڏڻ يا فطري آفتن/انساني المين جي ڪري دربدريءَ جي ڪري شروع ٿئي ٿو. پر بهتر معاشي مرتبو ماڻڻ، ميزبان رياست جي ضرورتن يا فني ۽ ٻين ڪارڻن جي ڪري به نئين شهريت ملي سگهي ٿي. دنيا ۾ جنگين ۽ انقلابن جي ڪري انساني آبادي وڏي پيماني تي هڪ هنڌ کان ٻئي هنڌ تي لڏي ٿي، جنهن ڪري کيس ’اجتمائي نئين شهريت‘ ملي ٿي. 1922ع ۾ لڏي آيل آرمينيائي باشندن کي يونان جي حڪومت اها سهولت ڏني. رت جي رشتي ۽ ڌرتيءَ سان ناتي ذريعي عام طرح ملندڙ شهريت جي ڀيٽ ۾ هي طريقو هٿرادو ۽ قانوني تقاضائين جي پورائي کان پوءِ مهيا ٿي سگهندو آهي.
سيني تي هٿ رکڻ
ڪنهن صدمي کان دل کي روڪڻ ، تسلي ڏيڻ ، دلاسو ڏيڻ ، صبر ڪرڻ ، تڪليفون سهڻ ، آٿت ڏيڻ ، همدردي ، ڪرڻ اندازو لڳائڻ ، پاڻ تي پرکڻ ، احساس ڌارڻ.
SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.
Visit the siteSLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.
Visit the libraryFor the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.
Go to portal