
Nasopharynx, cancer of
ني.زو.في.رنڪس ـ ڪينسر ـ آف
نيزوفيرنڪس جي ڪينسري ڳوڙھي جيڪا عام طور تي نڪ جي ڀانڊي، سائنسِس، کوپريءَ جي تري ۽ ڳچيءَ جي لِمف نوڊن تائين وگهري وڃي ٿي. نيزوفيرنڪس جي ڪينسر يورپ ۾ ورلي ته ڏور اوڀر ۾ گهڻي عام ٿئي ٿي. 40 کان 50 سالن جي عمر ۾ گهڻي عام ٿئي ٿي، عورتن جي ڀيٽ ۾ مردن کي ٻيڻ تي متاثر ڪري ٿي. ان جو ھڪ ڪارڻ ايپسٽين ـ بار وائرس (Epstein-Barr virus) سمجهيو وڃي ٿو. ان جون پھريون عام نشانيون ھر ھر ٿي پوندڙ نڪھير، نڪ جو وھڻ، ڪنن جو وڄڻ، سنگهڻ جي حس جو ختم ٿي وڃڻ، ٻٽي ديد، ٻوڙائپ، ڳچيءَ جي ڳوڙھي، منھن جي ھڪ پاسي جو اڌ رنگو ۽ شديد سور ٿي سگهي ٿو. تشخيص لاءِ بايوپسي (biopsy)، ايم آر آءِ اسڪين (MRI scan) ۽ ايڪسري ڪجي ٿي. علاج لاءِ عام طور تي ريڊيوٿراپي (radiotherapy) ته آپريشن به ڪري سگهجي ٿي. جيڪڏھن شروعات ۾ علاج ڪرائجي ته مستقبل سٺو ٿي سگهي ٿو.
ميون
ڌاريا، ڌارين جا يارَ.
ڌاريا پاڻ ۾ ڀلي ذات، قبيلي ۽ قوم جي حوالي سان ڌار ڌار هُجن، پر اُنهن جا مفاد پاڻ ۾ سلهاڙيل ۽ هڪجهڙا هوندا آهن، انڪري اُهي نه چاهيندي به پاڻ ۾ جُٽُ ۽ گڏ هوندا آهن.
SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.
Visit the siteSLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.
Visit the libraryFor the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.
Go to portal