SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


Nasal septum

(click word to listen sound
  • 🔊
  • neizl
  • septəm
  • )

ميڊيڪل سائنس جي لغت مان

Nasal septum

ني.زل ـ سيپ.ٽم

نڪ کي اندرين ورھائيندڙ پردِِي جنھن جي مھڙ ڪارٽيليج (cartilage) جي ته پويون حصو ھڏي جو جڙيل ٿئي ٿو ۽ اھي ٻئي لعابي استر (mucous membrane) سان ڍڪيل ٿين ٿا. انھن جي نقصن ۾ پرديءَ جو ڦريل ھجڻ (ڪنھن ھڪ پاسي لڙيل ھجڻ) ٿئي ٿو جيڪو ممڪن ٿئي ٿو ته ڄمڻ سان موجود ھجي يا ڪنھن ضرب سبب ٿي پيو ھجي. جيڪڏھن ساه کڻڻ ۾ رڪاوٽ پيدا ڪندڙ ھجي ته ان جي آپريشن ڪرائڻي پوي ٿي. ضرب سبب ڪارٽيليج جي پرديءَ ۽ ھڪ ناس جي ڀت وچ ۾ ڪو رت جو ڳوڙھو (haematoma) پيدا ٿي سگهي ٿو. ممڪن ٿئي ٿو ته رت جو ڳوڙھو ساه کڻڻ ۾ روڪاٽ پيدا ڪندڙ ھجي ۽ روڳي ٿي پيو ھجي اھڙيءَ حالت ۾ ڳڙه (abscess) کي آپريشن رستي خارج ڪري سگهجي ٿو. ورلي، سلهه (tuberculosis)، بادفرنگ (syphilis)، ويگينرس گرينيولوميٽوسس (Wegener’s granulomatosis) يا ڪوڪين (cocaine) سنگهڻ سبب نڪ جي پرديءَ جو سوراخ ڳري وڃي ٿو.


.


Other Phrases of Nasal septum used in Daily life:

Remember Me Also:

سونهپ

ث. اڳواڻي ، رهبري ، رهنمائي ، سُونهائي. معلومات ، سُڌ سماءُ ، خبرچار. شاهدي ، گواهي ، ثُبوت. سُهڻائي ، خوبصورتي.

Let's Learn Sindhi

اڄ جو پهاڪو

پاڻي ڪيڏو به اونهو، پر ڪکُ تري.

جيئن ڪکُ پاڻيءَ کان وزن ۾ هلڪو هئڻ ڪري پاڻيءَ ۾ تري ٿو، تيئن انائن کان آجو ۽ نهٺو ماڻهو به ڏکيا ڏينهن نٿو ڏسي. مثال: ”ڇُڄُ ٻُڏي، کاري ٻڏي، پروڻ ڇو ٻڏي، جنهن کي سؤ ٽنگ...؟ (ماٿيلي.... 186)

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal