
Nasal congestion
ني.زل ـ ڪن.جس.شن
نڪ جي لنگهه جي جزوي طور تي لعابي استر (mucous membrane) جي سوزش سبب بند ٿي وڃڻ. ورلي نڪ جو بند ٿي وڃڻ نڪ جي گهاٽي لعاب جي گڏ ٿي وڃڻ سان گڏ ٿئي ٿو. نڪ جو بند ٿيڻ ڪامن ڪولڊ (common cold، مٿين ساه لنگهه جو ھلڪو انفيڪشن جنھن ۾ نڪ ۽ نڙي مبتلا ٿئي ٿي) ۽ ڪاھي تپ (hay fever) جي نشاني ٿئي ٿي (ڏسو، rhinitis, allergic) ته ڪن دوائن سبب به بند ٿي وڃي ٿو. شديد سائنوسائيٽِس (sinusitis) يا نڪ جي نَڪرن (nasal polyps) سبب دائمي سوڄ رھي ٿي. ٻاڦ ۾ ساه کڻڻ سان لعاب جي پتري ٿيڻ ۾ مدد ملي ٿي جنھن لاءِ ڪنھن گرم پاڻيءَ جي گينڊي ۾ سُرھو تيل جھڙوڪ: مينٿال (menthol) يا يوڪلپٽس (eucalyptus) وجهي ان جي ٻاڦ ڪجهه منٽن لاءِ ساه رستي کڻي سگهجي ٿي. نڪ کوليندڙ دوائون جھڙوڪ: ڦڙا ۽ ڦوھارا (spray) رڳو ڪجهه ڏينھن لاءِ استعمال ڪرڻ گهرجن. جڏھن ته ڊگهي عرصي لاءِ نڪ لاءِ استعمال ٿيندڙ ڪورٽيڪوسٽِيروائڊ (corticosteroid)، سوڊيم ڪروموگليڪيٽ (sodium cromoglicate) ۽ مروج اينٽي ھسٽَمين (antihistamine) دوائون تڪليف گهٽائڻ ۾ اثرائتيون ثابت ٿي سگهن ٿيون. نڪ جي دائمي بند رھڻ جي حالت ۾ ڊاڪٽر کي ڏيکارڻ گهرجي.
ابت
ث. [سن. ويَتيَيَه] اُبتو پاسو ، ٻيو پاسو ، پُٺ. اُلَٽَ ، اُبتائِي. ”سبُت جو ضد“. هيٺيون پاسو. لهندڙ پاسو درياه جو ، لهوارَ ”آڇاران اُبَتِ، گهڙج گهاٽِيءَ نِينهَن جي“ شاهه. وَر ، ڏِنگُ.
پاڻي ڪيڏو به اونهو، پر ڪکُ تري.
جيئن ڪکُ پاڻيءَ کان وزن ۾ هلڪو هئڻ ڪري پاڻيءَ ۾ تري ٿو، تيئن انائن کان آجو ۽ نهٺو ماڻهو به ڏکيا ڏينهن نٿو ڏسي. مثال: ”ڇُڄُ ٻُڏي، کاري ٻڏي، پروڻ ڇو ٻڏي، جنهن کي سؤ ٽنگ...؟ (ماٿيلي.... 186)
SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.
Visit the siteSLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.
Visit the libraryFor the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.
Go to portal