SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


Narcolepsy

(click word to listen sound
  • 🔊
  • narcolepsy
  • )

ميڊيڪل سائنس جي لغت مان

Narcolepsy

نار.ڪو.ليپ.سي

ننڊ جي بيماري جنھن جون نشانيون ڏينھن جو شديد ننڊ ڪرڻ ۽ سڄي ڏينھن دوران ننڊ جا دورا پوندا رھن ٿا. ننڊ جا حملا ڪجهه سيڪنڊن کان ڪلاڪ کان به وڌيڪ وقت تائين ھلي سگهن ٿا. ٽن چوٿاين ڪيسن ۾ ڪيٽاپليڪسي (cataplexy، ھوش وڃائڻ کانسواءِ مشڪن جي طاقت جو اوچتو ختم ٿي وڃڻ) ٿي پوي ٿي. ان جي ٻين نشانين ۾ سليپ پيرالِسز (sleep paralysis)، سوداءَ (hallucination). شامل ٿين ٿيون. نارڪوليپسيءَ ۾ ننڊ جي ريم (REM) واري حالت غيرمعمولي طور تي تيزيءَ سان پيدا ٿئي ٿي. عام طور تي نارڪوليپسي موروثي ٿئي ٿي. علاج طور عام طور تي باقاعدگيءَ سان سونپي ڪرڻ سان گڏ متحرڪ (stimulant) ڪندڙ دوائون استعمال ڪرڻيون پون ٿيون ته جيئن ننڊاکڙائپ ختم ڪري سگهجي ۽ ڪيٽاپليڪسي (cataplexy) کي دٻائڻ لاءِ اينٽي ڊپريسنٽ دوائون استعمال ڪرڻيون پون ٿيون.


Remember Me Also:

ڀڊ

اُٺَ جي مرض جو هڪ قسم. اُٺ جي اڳئين پاسي واريءَ ڪَڇ جي لٿل کَل.

Let's Learn Sindhi

اڄ جو پهاڪو

پاڻي ڪيڏو به اونهو، پر ڪکُ تري.

جيئن ڪکُ پاڻيءَ کان وزن ۾ هلڪو هئڻ ڪري پاڻيءَ ۾ تري ٿو، تيئن انائن کان آجو ۽ نهٺو ماڻهو به ڏکيا ڏينهن نٿو ڏسي. مثال: ”ڇُڄُ ٻُڏي، کاري ٻڏي، پروڻ ڇو ٻڏي، جنهن کي سؤ ٽنگ...؟ (ماٿيلي.... 186)

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal