SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


Nail

click word to listen sound (Source: google)
  • 🔊
  • neil

From the English to Sindhi Dictionary:

Nail

ننهن، ڪلي، ميخ، ڪوڪو، ڪلي هڻڻ


From the Dictionary of Official Terms:

Nail

ڪوڪو-نُنهن


ٻارن جي لغت مان

Nail

گرامر noun

- اسم

نَھُن / ننھن


ميڊيڪل سائنس جي لغت مان

Nail

نيل

نھن، ھٿن پيرن جي آڱرين تي سخت، وريل ڪيريٽين (keratin، ھڪ سخت پروٽين) جي پليٽ. نھن جنھن ھنڌ تان پيدا ٿين ٿا ان کي نيل بيڊ (nail bed) سڏجي ٿو. ھر نھن جي بنياد وٽ اڌ چنڊ جي ڊول جھڙو لونيولا (lunula) ٿئي ٿو ۽ انتي چمڙيءَ جو ھڪ تھه چڙھيل ٿئي ٿو جنھن کي ڪيوٽيڪل (cuticle) سڏجي ٿو. ان جي چوگرد واريءَ چمڙيءَ کي نيلِ فولڊ (nail fold) سڏجي ٿو. آڱر جي نھن کي بنياد کان چوٽيءَ تائين واڌ ڪرڻ ۾ اٽڪل 6 مھينا ته پير جي آڱر جي نھن کي ان کان ٻيڻو وقت لڳي وڃي ٿو. نھن ڌڪن، بئڪٽيريائي يا ڦنگي روڳن خاص طور تي ٽينيا (tenea) ۽ ڪينڊيڊياسس (candidiasis) لاءِ حساس ٿين ٿا. ورلي، غيررواجي طور تي ٿلها ٿي ۽ وري وڃن ٿا ان حالت کي اونِيڪوگريفوسس (onychogryphosis) سڏجي ٿو. نھن جا نقص چمڙيءَ جي ڪنھن بيماريءَ جي نشاني ٿي سگهن ٿا جھڙوڪ: ايلوپيشيا اَيريئيٽا (alopecia areata)، سورياسس (psoriasis) ۽ لچن پلانس (lichen planus) يا ڪنھن عام بيماريءَ جھڙوڪ: رت ۾ فولاد جي کوٽ (iron-deficiency anaemia). نھن جو غيررواجي رنگ ڪنھن بيماريءَ جي نشاني ٿي سگهي ٿي. نھن جي روڳَ جو علاج ڏکيو ٿي سگهي ٿو. علاج لاءِ استعمال ٿيندڙ مکڻ جون دوائون سٺيءَ طرح سان جذب ٿي نٿيون سگهن ته وات رستي استعمال ٿيندڙ دوائون کي اثرائتي ثابت ٿيڻ ۾ مھينا لڳي وڃن ٿا.


Related words with: Nail


.


Other Phrases of Nail used in Daily life:

.


Nail is also used in:

Remember Me Also:

ارغنج

ذ. [ف] ڊگهو ڌاڳو.

Let's Learn Sindhi

اڄ جو پهاڪو

پاڻي ڪيڏو به اونهو، پر ڪکُ تري.

جيئن ڪکُ پاڻيءَ کان وزن ۾ هلڪو هئڻ ڪري پاڻيءَ ۾ تري ٿو، تيئن انائن کان آجو ۽ نهٺو ماڻهو به ڏکيا ڏينهن نٿو ڏسي. مثال: ”ڇُڄُ ٻُڏي، کاري ٻڏي، پروڻ ڇو ٻڏي، جنهن کي سؤ ٽنگ...؟ (ماٿيلي.... 186)

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal