
Naevus
نِي.وس
ھڪ قسم جو چمڙيءَ جو ڦڙو جنھن جا مکيا ٻه قسم ٿين ٿا: پِگمينٽيڊ نيوي (pigmentes naevi) جيڪي ميلانوسائيٽ (melanocytes، چمڙيءَ جا ميلانن پگمينٽ پيدا ڪندڙ سيل) جي نقص يا گهڻيءَ سرگرميءَ سبب پيدا ٿين ٿا ۽ ويسڪيولر نيوي (vascular naevi) جيڪي رت نلين جي غيرمعمولي گڏ ٿيڻ سبب ٿي پون ٿا. پگمينٽيڊ نيويءَ جا گهڻا عام قسم فريڪلس (freckles)، لينٽيگوس (lentigos) ۽ ڪيفي او لي اسپاٽس (café au lait spots) ٿين ٿا: سج ۾ چمڙيءَ جي وائکي ٿيندڙ ھنڌن تي پيدا ٿيندڙ تراکڙا ناسي ھنڌ. انھن جو ھڪ ٻيو عام قسم ڪو تر (mole) ٿئي ٿو جنھن کي ورلي ميلانوسائيٽ نِيوس (melanocyte naevus) سڏجي ٿو. ورلي حالتن ۾ تر ڪينسري ٿي پون ٿا (ڏسو، melanoma, malignant). جووَينائيل ميلانوسائيٽ (ڏسو، melanoma, juvenile) ڳاڙھا ـ ناسي نيوي (نيوس جو جمع) ٿين ٿا ۽ ٻالڪپڻي ۾ ٿي پون ٿا. بلو نيوي (blue naevi) نوجوان ڇوڪرين ۾ عام ٿين ٿا. گهڻا ڪارا ۽ ايشيائي ٻارڙا، چيلهه جي ھيٺين حصي تي نيرن ڪارن نشانن سان پيدا ٿين ٿا (ڏسو، Mongolian blue spot). پورٽ وائين اسٽينس (Port-wine stains) ۽ اسٽرابيري نشان (strawberry marks) وسڪيولر نيوي (vascular naevi) جا مثال ٿين ٿا (ڏسو، haemangioma and spider naevi). گهڻا نيوي بي مضر ٿين ٿا. تنھن ھوندي به جڏھن ڪو نِيوس اوچتو ظاھر ٿي پوي، واڌ ڪري، رت وھائي يا رنگ مٽائي ته ھڪدم طبي صلاح وٺجي ته جيئن چمڙيءَ جي ڪينسر جي امڪان کان خبردار رھي سگهجي.
تحير
ذ. [ع. حارَ < تَحَيَرَ، تَحَيُرُ = حيرت ۾ پوڻ] تعجب ، حيرت. پريشاني ، سراسيمگي.
پاڻي ڪيڏو به اونهو، پر ڪکُ تري.
جيئن ڪکُ پاڻيءَ کان وزن ۾ هلڪو هئڻ ڪري پاڻيءَ ۾ تري ٿو، تيئن انائن کان آجو ۽ نهٺو ماڻهو به ڏکيا ڏينهن نٿو ڏسي. مثال: ”ڇُڄُ ٻُڏي، کاري ٻڏي، پروڻ ڇو ٻڏي، جنهن کي سؤ ٽنگ...؟ (ماٿيلي.... 186)
SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.
Visit the siteSLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.
Visit the libraryFor the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.
Go to portal