
Myocarditis
مايو.ڪار.ڊاءِ.ٽس
دل (heart) جي مشڪ جي سوزش. جنھن جي ٿيڻ جو گهڻو عام ڪارڻ ڪو وائرسي روڳ ٿئي ٿو، جڏھن ته اھا ٻين ڪيترن روڳن ۽ بيمارين ڪري به ٿي سگهي ٿي. مايوڪارڊائيٽِس، ريوميٽڪ فيور (rheumatic fever) جي عام نشاني ٿئي ٿي، جڏھن ته اسريل ملڪن ۾ اھو ورلي ڪو ڪارڻ ٿئي ٿو. عام طور تي ان جون نشانيون پيدا نٿيون ٿين. ورلي، دل جي ڌڙڪي ۾ شديد خلل پيدا ٿئي ٿو، ساه جي مونجهه، ڇاتيءَ جو سور ۽ دل فيل (heart failure) ٿي سگهي ٿي. شديد حالتن ۾ دل جي بند ٿي وڃڻ (cardiac arrest) ڪري اھڙو فرد مري به وڃي ٿو. مريض جي ھسٽري ۽ جسماني تپاس مان مايوڪارڊائيٽِس جو شڪ ڪري سگهجي ٿو. اِي سي جي (ECG) ڪرڻ سان دل جي ڌڙڪي جون مخصوص بي قاعدگيون ظاھر ٿي پون ٿيون. تشخيص لاءِ اِڪو ڪارڊيوگرافي (echocardiography)، ڇاتيءَ جي ايڪسري (X-ray) ۽ رت جون تپاسون به ڪجن ٿيون. ان جو مخصوص علاج نٿو ٿئي. عام طور تي، بستري تي آرام ڪرڻ جي سفارش ڪجي ٿي. شديد حالتن ۾ انتھائي نگهداشت وارڊ ۾ سھائتي علاج (supportive treatment) ڏيڻ ضروري ٿي سگهي ٿو.
ڏاهه وجهڻ
ڄاڻ ڏيڻ ، هوڪو ڏيڻ ، مشهور ڪرڻ.
پاڻي ڪيڏو به اونهو، پر ڪکُ تري.
جيئن ڪکُ پاڻيءَ کان وزن ۾ هلڪو هئڻ ڪري پاڻيءَ ۾ تري ٿو، تيئن انائن کان آجو ۽ نهٺو ماڻهو به ڏکيا ڏينهن نٿو ڏسي. مثال: ”ڇُڄُ ٻُڏي، کاري ٻڏي، پروڻ ڇو ٻڏي، جنهن کي سؤ ٽنگ...؟ (ماٿيلي.... 186)
SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.
Visit the siteSLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.
Visit the libraryFor the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.
Go to portal