SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


Myocardial perfusion scanning

(click word to listen sound
  • 🔊
  • moukɑːdiəl
  • perfusion
  • skæniŋ
  • )

ميڊيڪل سائنس جي لغت مان

Myocardial perfusion scanning

مايو.ڪار.ڊيئل ـ پرفيوشن ـ اِسڪيننگ

ھڪ قسم جي ريڊيونيوڪلائيڊ اسڪيننگ (radionuclide scanning) جنھن رستي دل ڏانھن رت جي رسد جي چڪاس ڪجي ٿي. تپاس جي ھن طريقي جا ٻه مرحلا ٿين ٿا: پھرين مرحلي ۾ دل جي رفتار تيز ڪري (ڪسرت يا دوائن رستي)، انجيڪشن رستي ھڪ ريڊيو نيوڪلائيڊ (ڪيميائي ريڊيوايڪٽو) مادو رت جي دوري ۾ شامل ڪري گاما ڪيميرا سان اِسڪين ڪجي ٿي جنھن دوران دل جي رفتار تيز ھجي ٿي. تپاس جو ٻيو مرحلو 1 کان 4 ڪلاڪ پوءِ تڏھن شروع ڪجي ٿو جڏھن دل جي رفتار پنھنجي عام رواجي آرام واريءَ حالت ۾ اچي ٿي. جنھن لاءِ ريڊيونيوڪلائڊ جي ٻي انجيڪشن ھڻي وري اسڪين ڪجي ٿي. ٻنھي اسڪينن جي ڀيٽ ڪري ڏسڻ سان دل کي ٿيندڙ رت جي رسد جي ڪنھن به مسئلي جي ڄاڻ پئجي وڃي ٿي. ڪن حالتن ۾ ھن تپاس جو ٻيو مرحلو ڪرڻ ضروري نٿو ٿئي.


Remember Me Also:

گهوگهه هڻڻ

وڏو آواز ڪرڻ ، هرو ڀرو لُڙُ ڪرڻ ، ڪروڌ ڪرڻ ، جهيڙو ڪرڻ ، ڦڏو مچائڻ.

Let's Learn Sindhi

اڄ جو پهاڪو

ڌاريا، ڌارين جا يارَ.

ڌاريا پاڻ ۾ ڀلي ذات، قبيلي ۽ قوم جي حوالي سان ڌار ڌار هُجن، پر اُنهن جا مفاد پاڻ ۾ سلهاڙيل ۽ هڪجهڙا هوندا آهن، انڪري اُهي نه چاهيندي به پاڻ ۾ جُٽُ ۽ گڏ هوندا آهن.

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal