
Myiasis
ميا.سِس
ھڪ مک جيڪا اصل ۾ استوائي علائقن تائين محدود ٿئي ٿي ان جي سوٻٽ (larvae) سبب ٿي پوندڙ بيماري. آفريڪا ۾ تمبو (tumbu) نالي مک ٻاھر رکيل آلن ڪپڙن تي آنا لاھي ٿي، جن مان سوٻٽ ڦٽي چمڙيءَ ۾ گهڙي ڳوڙھين جھڙي سوڄ ڪري وجهن ٿا. ٻيو مکيون کليل ڦٽن، چمڙيءَ، ڪنن يا نڪ ۾ آنا لاھي سگهن ٿيون. ورلي سوٻٽ، ٽشوئن ۾ گهرائيءَ ۾ گهڙي وڃن ٿا. غليظ کاڌن کائڻ کانپوءِ آنڊن جا روڳ ٿي سگهن ٿا. انھن بچاءَ جي اپائن ۾ شامل ٿين ٿا مکين کي کاڌن پيتن کان پري رکڻ، کليل ڦٽ ڍڪي ڇڏڻ ۽ سڪائڻ لاءِ ٻاھر رکيل ڪپڙا استري ڪري استعمال ڪرڻ. چمڙيءَ جي مِياسس جي علاج لاءِ سوڄ واري ھنڌ مٿان تيل جا ڪجهه ڦڙا وجهجن ٿا. سوٻٽ چمڙيءَ جي مٿاڇري تي اچن ٿا جن کي سئي رستي ڪڍي سگهجي ٿو. اونھن ٽشوئن لاءِ آپريشن ڪرڻ جي ضرورت پوي ٿي. آنڊن جي مِياسس لاءِ ڪو جلاب (laxative) ڏيڻو پوي ٿو.
هيرڻ جو تيل
پاڻي ڪيڏو به اونهو، پر ڪکُ تري.
جيئن ڪکُ پاڻيءَ کان وزن ۾ هلڪو هئڻ ڪري پاڻيءَ ۾ تري ٿو، تيئن انائن کان آجو ۽ نهٺو ماڻهو به ڏکيا ڏينهن نٿو ڏسي. مثال: ”ڇُڄُ ٻُڏي، کاري ٻڏي، پروڻ ڇو ٻڏي، جنهن کي سؤ ٽنگ...؟ (ماٿيلي.... 186)
SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.
Visit the siteSLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.
Visit the libraryFor the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.
Go to portal