SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


Myelosclerosis

(click word to listen sound
  • 🔊
  • myelosclerosis
  • )

ميڊيڪل سائنس جي لغت مان

Myelosclerosis

ماءِ.لو.اسڪلي.رو.سِس.

ھڏي جي مک (bone marrow) ۾ فائبرس ٽشوءَ جي واڌ (ان کي مائيلوفائبروسِس به سڏجي) جنھن سبب مک جي رت جي سيلن پيدا ڪرڻ جي صلاحيت متاثر ٿي پوي ٿي. مائلواسِڪليروسس پرائمري (جينياتي نقص يا اڻ ڄاتل ڪارڻ) يا سيڪنڊري (ھڏي جي مک جي ڪنھن ٻيءَ بيماريءَ) به ٿي سگهي ٿي. مائلواسِڪليروسس جون مکيو نشانيون ساڳيون رت جي پوڻائيءَ (anaemia) واريون ٿين ٿيون. تري وڌي وڃڻ، رات جو پگهر اچڻ، بک مري وڃڻ ۽ وزن گهٽجڻ به عام طور تي ٿي پون ٿا. سيڪنڊري مائلواسِڪليروسس ۾ اصلي بيماري ٻيون تڪليفون/ نشانيون به پيدا ڪري سگهي ٿي. پرائمري مائلواسِڪليروسس جي علاج ۾ تڪليف ختم ڪرڻ لاءِ رت ڏيڻ (blood transfusions) به شامل ٿئي ٿو. چند مريضن ۾ ليوڪيميا (leukaemia) پيدا ٿي سگهي ٿي. سيڪنڊري مائلواسِڪليروسس جي علاج جو مدار اصلي بيماريءَ تي مدار رکي ٿو.


Remember Me Also:

هلڙائي

هِلِڙائِي جمع هِلِڙائِيُون

ث . ڍرائي، ليڙائي، ليلهرپائي، ڦسائي.

Let's Learn Sindhi

اڄ جو پهاڪو

پاڻي ڪيڏو به اونهو، پر ڪکُ تري.

جيئن ڪکُ پاڻيءَ کان وزن ۾ هلڪو هئڻ ڪري پاڻيءَ ۾ تري ٿو، تيئن انائن کان آجو ۽ نهٺو ماڻهو به ڏکيا ڏينهن نٿو ڏسي. مثال: ”ڇُڄُ ٻُڏي، کاري ٻڏي، پروڻ ڇو ٻڏي، جنهن کي سؤ ٽنگ...؟ (ماٿيلي.... 186)

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal