
Myasthenia gravis
ما.ياس.ٿي.نيا ـ گري.وس
ھڪ ورلي ٿيندڙ بيماري جنھن ۾ مشڪون ڪمزور ۽ جلد ساڻيون ٿي پون ٿيون. اکين، منھن، نڙيءَ ۽ ٽنگن ٻانھن جون مشڪون عام طور تي گهڻيون متاثر ٿين ٿيون. ماياسٿينيا گريوس ھڪ آٽواِميون بيماري ٿئي ٿي. ڪيترين حالتن ۾ ٿائيمس غدود ۾ نقص موجود ٿين ٿا ۽ ڪجهه حالتن ۾ ھڪ ٿائيموما (thymoma، ٿائيمس جي ڳوڙھي) ٿي پوي ٿو. مردن جي ڀيٽ ۾ عورتون وڌيڪ شڪار ٿين ٿيون. بيماري پنھنجن اثرن پيدا ڪرڻ ۾ انتھائي مختلف ٿئي ٿي. گهڻين حالتن ۾ ڇپر ڪري پوندڙ، ديد ٻٽي ۽ منھن جو ڪورو اظھار پيدا ڪري ٿي ۽ ڪمزور، گهگهو، مِڻو آواز پيدا ٿئي ٿو جيڪو ھٽڪ وارو ۽ ڊگهي گفتگوءَ دوران سمجهه نه ايندڙ ٿئي ٿو. ٻانھن ۽ ٽنگن جون مشڪون به متاثر ٿي سگهن ٿيون. شديد حالتن ۾ ساه جون مشڪون ڪمزور ٿي ساه کڻڻ ۾ تڪليف پيدا ڪري سگهن ٿيون. عام طور تي بيماريءَ جي تشخيص لاءِ ھڪ دوا، اِڊروفونييم (edrophonium) نس ۾ ھڻڻ سان عارضي طور تي ڪمزور مشڪن کي طاقت ملي ٿي. رت جون تپاسون ۽ اي ايم جِي (EMG) به ورلي استعمال ڪجن ٿيون. سي ٽي اِسڪيننگ (CT scanning) يا ايم آر آءِ (MRI) رستي ٿائيموما جي پڪ ڪري سگهجي ٿي. علاج طور دوائن ڏيڻ سان عام طور تي اعصابي اِمپلس بحال ٿيڻ سان مريض جي حالت جھڙوڪر عام رواجي ٿي وڃي ٿي. ڪجهه ڪيسن ۾ ٿائيميڪٽوميءَ (thymectomy ٿائيمس غدود ڪڍي ڇڏڻ) رستي عام طور تي حالت بھتر ٿي وڃي ٿي ته ورلي بلڪل ڇٽي وڃي ٿي. شديد حالتن ۾ باقاعدگيءَ سان مريض جي پلازما (plasma) تازي پلازما سان تبديل ڪري سگهجي ٿي. ڪورٽيڪوسٽِيروائڊ (corticosteroid) ۽ اِميونو سَپريسنٽ (immunosuppressant) دوائون به ڏئي سگهجن ٿيون. مريضن جي ٿورڙائي ۾ نڙيءَ ۽ ساه جي مشڪن جو فالج، موت جو منھن ڏيکاري سگهي ٿو.
پيشگير
ذ. [ف] زنانو پڙو.
پاڻي ڪيڏو به اونهو، پر ڪکُ تري.
جيئن ڪکُ پاڻيءَ کان وزن ۾ هلڪو هئڻ ڪري پاڻيءَ ۾ تري ٿو، تيئن انائن کان آجو ۽ نهٺو ماڻهو به ڏکيا ڏينهن نٿو ڏسي. مثال: ”ڇُڄُ ٻُڏي، کاري ٻڏي، پروڻ ڇو ٻڏي، جنهن کي سؤ ٽنگ...؟ (ماٿيلي.... 186)
SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.
Visit the siteSLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.
Visit the libraryFor the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.
Go to portal