
تبديل، ڦيرگهير، مٽ سٽ
مٽ سٽ- تبديلي
Mutation
ميو.ٽي.شن
ڪنھن به سيل جي ڊي اين اَي (DNA) ۾ تبديلي/ ميوٽيشن. ڪيتريون ميوٽيشنون بي مضر ته ڪي ھاڃيڪار ٿين ٿيون، ڪينسر، پيدائشي نقص ۽ موروثي بيماريون پيدا ڪن ٿيون.تمام ورلي، ڪا ميوٽيشن فائديمند به ٿي سگهي ٿي. ڪا به ميوٽيشن، ڪنھن سيل جي ڦانڊ دوران ان جي ڊي اين اَي ۾ نقلجڻ (replication) جي نقص سبب پيدا ٿئي ٿي. جڏھن ڪو ڊاٽر سيل ورثي ۾ ڪجهه ناقص ڊي اين اي حاصل ڪري ٿو ته منجهس موجود نقص ھر نئين سيل جي ڦانڊ سان ھر ڀيري ڪاپي ٿيندو سيلن جي ھڪ اھڙي آبادي پيدا ڪري ٿو جن ۾ تبديل ٿيل ڊي اين اَي موجود ٿين ٿا. ڪي ميوٽيشنون اتفاقاً پيدا ٿين ٿيون. ڪنھن به ميوٽيشنون پيدا ڪندڙ عنصر کي ميوٽيجن (mutagen) سڏجي ٿو. ميوٽيشن جا ڪيترائي قسم ٿين ٿا: پوائنٽ ميوٽيشنون (point mutations) رڳو ھڪ جين (gene) کي متاثر ڪن ٿيون ۽ ممڪن ٿئي ٿو ته ناقص انزائيمون يا ٻيون پروٽينون پيدا ڪري سگهن. ٻين ميوٽيشنن ۾ ڪروموسوم (chromosome) يا انھن جا ڪي حصا ختم ٿي، شامل ٿي يا نئين سر منظم ٿي وڃن ٿا. ممڪن ٿئي ٿو ته ھن قسم جي ميوٽيشن، پوائنٽ ميوٽيشنن جي ڀيٽ ۾ گهڻا ھاڃيڪار اثر پيدا ڪري. جيڪڏھن ڪو ميوٽيٽ ٿيل سيل، جسم (somatic) جو سيل آھي ته اھو واڌ ڪري بدترين، غيررواجي سيلن جو جهڳٽو پيدا ڪري ٿو. عام طور تي اھڙا سيل مري وڃن ٿا يا جسم جو اِميون (immune) سرشتو انھن کي تباه ڪري ڇڏي ٿو يا انھن جو ڪو معمولي اثر پيدا ٿئي ٿو. جڏھن ته ورلي، اھي ڪنھن ڪينسر (tumour) ۾ مٽجي سگهن ٿا. جرم سيلن (germ cell ڪچا آنا يا تخمي جيو) ۾ ٿيندڙ ميوٽيشن، ڪنھن ٻار ۾ منتقل ٿي سگهي ٿي جنھن کانپوءِ سندس سڀني سيلن ۾ ميوٽيشن موجود ٿئي ٿي، جيڪا پيدائشي ظاھري نقص يا جسماني ڪيمسٽريءَ ۾ غيرمعموليت پيدا ڪري ٿي. اھڙي ميوٽيشن ٻار جي ٻارن ۾ به منتقل ٿي سگهي ٿي. جينياتي نقص (جھڙوڪ: haemophilia ۽ achondroplasia) والدين، ڏاڏن، پڙڏاڏن يا تڙ ڏاڏن جي جرم سيلن ۾ ايندڙ ميوٽيشنن سبب پوائنٽ موٽيشنن مان پيدا ٿين ٿا. ڪروموسوميائي نقص (جھڙوڪ: Down’s syndrome) گهڻي ڀاڱي والدين جي آنن يا تخمي جيون جي جوڙجڪن ۾ ميوٽيشنن سبب پيدا ٿين ٿا.
همر
ث. ع. ”تَحَمل“ جو بگڙيل لفظ. برد باري. صبر ، کانڌ ، ڌيرج. ماٺ. آرام ، فرحت. دير.
پاڻي ڪيڏو به اونهو، پر ڪکُ تري.
جيئن ڪکُ پاڻيءَ کان وزن ۾ هلڪو هئڻ ڪري پاڻيءَ ۾ تري ٿو، تيئن انائن کان آجو ۽ نهٺو ماڻهو به ڏکيا ڏينهن نٿو ڏسي. مثال: ”ڇُڄُ ٻُڏي، کاري ٻڏي، پروڻ ڇو ٻڏي، جنهن کي سؤ ٽنگ...؟ (ماٿيلي.... 186)
SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.
Visit the siteSLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.
Visit the libraryFor the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.
Go to portal