
Muscular system
مسڪ.يو.لر ـ سسٽم
مشڪائون سرشتو جنھن جون مشڪون جسم جي ھڏائين پڃري (skeleton) سان ڳنڍيل ٿين ٿيون. مشڪون خودمختيار/ والنٽري چرپر ڪرائڻ جون ذميوار ٿين ٿيون، ھڏائين پڃري کي جهل ڏين ۽ مستحڪم رکن ٿيون. ڪيترين حالتن ۾ ڪا مشڪ ڪنھن ھڏي سان ڳنڍيل ھوندي (عام طور تي ڪنھن جوٽي tendon سان ) ڪو سنڌ ٽپي ڪنھن ٻئي ھڏي سان وڃي ڳنڍجي ٿي. مشڪون، ڪوئجي ۽ لنڊيون ٿي جنھن ھڏي سان ڳنڍيل ٿين ٿيون، ان کي ڇڪي چرپر ڪرائين ٿيون. مشڪون رڳو ڇڪي سگهن ٿيون پر ڌڪي نٿيون سگهن جنھن سبب اھڙيءَ طرح سان جوڙيل ٿين ٿيون جو ڪنھن ھڪ مشڪ يا مشڪن جي جهڳٽي جي ڇڪ لاءِ ٻيءَ ۾ مزاحمت پيدا ٿئي ٿي جنھن سبب اٻتڙ چرپر ٿي سگهي ٿي. جيتوڻيڪ ھڏائين مشڪن جا گهڻا عمل شعوري عمل رستي ٿيندا رھن ٿا تنھن ھوندي به ڪن مشڪن جي رفليڪس چرپر، تحرڪ (stimuli) جي موٽ ۾ پيدا ٿين ٿا.جسم ۾ 600 سون کان وڌيڪ مشڪون ٿين ٿيون جن جي درجيبندي انھن جي چرپر جي حساب سان ڪجي ٿي. انھن مان ايڪٽينسر (extensor) ڪنھن به سنڌ کي ٻاھر کولي ٿي، فليڪسر (flexor) ان کي بند ڪري ٿي، ايڊڪٽر (adductor) جسم جي ڪنھن حصي کي اندرتي ڇڪي ٿي، ابڊڪٽر (abductor) ٻاھرتي چوري ٿي، ليويئٽر (levator) مٿي اڀاري ٿي، ڊپريسر (depressor) ھيٺ ڪري ٿي ۽ ڪنسِٽرڪٽر (constrictor) يا اِسفنسٽر (sphincter) مشڪون سوراخن کي گهيريل ھجن ٿيون ۽ انھن کي بند ڪن ٿيون.
اکيون شرمائڻ
شرم کان اکيون هيٺ ٿيڻ. حياءَ اچڻ ، لڄ ٿيڻ.
ڌاريا، ڌارين جا يارَ.
ڌاريا پاڻ ۾ ڀلي ذات، قبيلي ۽ قوم جي حوالي سان ڌار ڌار هُجن، پر اُنهن جا مفاد پاڻ ۾ سلهاڙيل ۽ هڪجهڙا هوندا آهن، انڪري اُهي نه چاهيندي به پاڻ ۾ جُٽُ ۽ گڏ هوندا آهن.
SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.
Visit the siteSLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.
Visit the libraryFor the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.
Go to portal