SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


Muscular dystrophy

(click word to listen sound
  • 🔊
  • mʌskjulər
  • dystrophy
  • )

ميڊيڪل سائنس جي لغت مان

Muscular dystrophy

مَس.ڪيو.لر ـ ڊس.ٽرو.في

مشڪ جي ورلي ٿيندڙ موروثي بيمارين جو مجموعو جنھن جو ڪارڻ مشڪ جي تاندورن جو آھستي، ڳرندو رھڻ ٿئي ٿو. اھڙي تباھي اڳتي ھلي معذوري ۽ موت جو سبب ٿي سگهي ٿي. مسڪيولر ڊسٽرفي ءَ جو گهڻو عام ۽ سنگين قسم دوشين مَسڪيولر ڊسٽرفي (Duchenne muscular dystrophy) ٿئي ٿو. جنھن جو ڪارڻ ايڪس ڪروموسوم جي ھڪ رِسيسو (recessive) جين ٿئي ٿي (ڏسو، sex-linked inheritance). ڇوڪرن ۾ رڳو ھڪ ايڪس ڪروموسوم ٿئي ٿو تنھنڪري اھي جڪڏھن پنھنجيءَ ماءُ کان ناقص جين جي ھڪ ڪاپي ورثي ۾ حاصل ڪن ٿا ته منجهن اھا بيماري ٿي سگهي ٿي. ڇوڪريون (جن کي ٻه ايڪس ڪروموسوم ٿين) ان بيماريءَ ۾ متاثر نٿيون ٿين پر اھي ناقص جين جون باري (carrier) ٿين ٿيون. متاثر ڇوڪرا گهمڻ ۾ ٿڙندا رھن ٿا، چاڙھين چڙھڻ ۾ ڏکيائي محسوس ڪن ٿا ۽ ممڪن ٿئي ٿو ته سندن ڪرنگهي ۾ خم ھجي. ھيءَ بيماري تيزي سان وڌي ٿي، 12 سالن جي عمر ۾ گهمڻ جي لياقت ختم ٿي وڃي ٿي ۽ ڪجهه ڇوڪرا ويھن سالن کان مٿي زنده رھي سگهن ٿا. بيڪرس مسڪيولر ڊسٽرفي (Becker’s muscular dystrophy) اڳتي ھلي ٻالڪپڻي ۾ پيدا ٿئي ٿي ۽ گهڻي آھستي واڌ ڪري ٿي. مايوٽونڪ ڊسٽرفي (myotonic dystrophy) ھٿن، منھن، ڳچيءَ ۽ پيرن جي مشڪن کي متاثر ڪري ٿي ۽ سکڻ ۾ تڪليفون پيدا ڪري ٿي. لِمب ـ گرڊل مسڪيولر ڊسٽرفي (limb-girdle muscular dystrophy) گهڻي ڀاڱي ٻنڊڻن ۽ ڪلهن جون مشڪون ۽ فيشيواسِڪيپيولوھيوميرل مَسڪيولر ڊسٽرفي (facioscapulohumeral) ٻانھن جي مٿين حصن جي مشڪن، ڪلهي جي ڦڻيءَ (shoulder girdle) ۽ منھن جون مشڪون متاثر ڪري ٿي. مسڪيولر ڊسٽرفي ءَ جي ھن آخري قسم ۾ ورلي شديد معذوري پيدا ٿئي ٿي. دوشين مسڪيولر ڊسٽرفي جي تشخيص، ان جي نشانين پيدا ٿيڻ کان اڳ ۾ جين تپاسڻ رستي ڪري سگهجي ٿي. مشڪن جي ھڪ ڀيرو به ڪمزوري شروع ٿيڻ سان ٻيون تپاسون به ڪري سگهجن ٿيون جن ۾ مشڪن جون انزائيمون (enzymes) تپاسڻ، اي ايم جي (EMG) ۽ مشڪ جي بايوپسي (biopsy) به شامل ٿئي ٿي. مسڪيولر ڊسٽرفي ءَ جو علاج ڪونھي. فزيوٿراپي ان جو مکيو علاج ٿئي ٿو. جيتري قدر ممڪن ٿي سگهي سرگرم رھڻ سان صحتمند مشڪن کي سٺيءَ حالت ۾ رکي سگهجي ٿو. جوٽن (tendons) جي آپريشن ڪرڻ سان ڪن ڪيسن ۾ گهمڻ ڦرڻ ۾ مدد ٿي سگهي ٿي. ايندڙ وقت جي چڱڀلائيءَ جو مدار مخصوص قسم جي حالت تي ٿئي ٿو. جيڪڏھن خاندان جي ڪنھن ٻار يا وڏي کي مسڪيولر ڊرافي ٿي ھجي ته کيس ڪنھن ماھر سان جينياتي صلاح (genetic counselling) ڪرڻ گهرجي.


Remember Me Also:

الوڪ

ذ. [سن. اَ + نه + لوڪ = دنيا] روحاني دنيا.

Let's Learn Sindhi

اڄ جو پهاڪو

پاڻي ڪيڏو به اونهو، پر ڪکُ تري.

جيئن ڪکُ پاڻيءَ کان وزن ۾ هلڪو هئڻ ڪري پاڻيءَ ۾ تري ٿو، تيئن انائن کان آجو ۽ نهٺو ماڻهو به ڏکيا ڏينهن نٿو ڏسي. مثال: ”ڇُڄُ ٻُڏي، کاري ٻڏي، پروڻ ڇو ٻڏي، جنهن کي سؤ ٽنگ...؟ (ماٿيلي.... 186)

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal