SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


Muscle-relaxant drugs

(click word to listen sound
  • 🔊
  • mʌsl
  • riːlæksnt
  • drʌgstɔːr
  • )

ميڊيڪل سائنس جي لغت مان

Muscle-relaxant drugs

مسل ـ رليڪسنٽ ـ ڊرگس

دوائون جن رستي ڳڍڙين ۽ مروٽن (spasticity) جو علاج ڪجي يا آپريشن لاءِ عارضي عام بيھوشي پيدا ڪجي. مشڪ جي تاڻ گهٽائڻ لاءِ استعمال ٿيندڙ دوائون عام طور تي تنتي سرشتي جي بيمارين جھڙوڪ: ملٽِيپل اِسڪليروسس (multiple sclerosis) مشڪن جي پيڙاڪن تڪليفن جھڙوڪ: ٽورٽِيڪولس (torticollis) لاءِ استعمال ٿين ٿيون. مشڪن جي تاڻ گهٽائيندڙ دوائون ورلي،ضرب سبب پيدا ٿيندڙ مشڪ جي سيٽ/ ٽَاري گهٽائڻ لاءِ استعمال ڪجن ٿيون. سواءِ ڊينٽرولين (dantrolene) جي، مشڪي تاڻ گهٽائيندڙ دوائون جزوي طور تي تنتي سگنل، جن رستي مشڪ جي ڪوءَ متحرڪ ٿئي ٿي، بند ڪري ڇڏين ٿيون. ڊينٽرولين، مشڪ جي سيلن جي ڪيميائي ڪم ۾ جيڪو ڪوءَ ڪرائڻ لاءِ گهربل ٿئي ٿو مداخلت پيدا ڪري ٿي. اھي دوائون مشڪ جي ڪمزوري ۽ ننڊاکڙائپ پيدا ڪري سگهن ٿيون. ورلي حالتن ۾ ڊينٽرولين جيري کي ڇيھو رسائي ٿي.


Remember Me Also:

ڍڳلو

ذ. ڪُڙتي جو هڪ قسم ، ڪَهيُن وارو ڪُڙتو ، ڊگِلو ، گڊلو.

Let's Learn Sindhi

اڄ جو پهاڪو

پاڻي ڪيڏو به اونهو، پر ڪکُ تري.

جيئن ڪکُ پاڻيءَ کان وزن ۾ هلڪو هئڻ ڪري پاڻيءَ ۾ تري ٿو، تيئن انائن کان آجو ۽ نهٺو ماڻهو به ڏکيا ڏينهن نٿو ڏسي. مثال: ”ڇُڄُ ٻُڏي، کاري ٻڏي، پروڻ ڇو ٻڏي، جنهن کي سؤ ٽنگ...؟ (ماٿيلي.... 186)

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal