
ڏورو، مشڪ، پٺو
مَسَل
عضوو،گوشت،رڳ،عصب، مُشڪ، ماس، پَٺوَ
عضوو- سَنڌ- پٺو
Muscle
مَسل
مشڪ، مخصوص سيلن جي جهڳٽي جي ھڪ اھڙي بناوت جيڪا سسي ۽ ڦنڊي چرپر پيدا ڪرڻ لائق ٿئي ٿي. مشڪون ٽن قسمن جون ٿين ٿيون: ھڏايون (skeletal)، سموٿ (smooth) ۽ ڪارڊيئڪ (cardiac). جسم ۾ ھڏايون مشڪون وڌ ۾ وڌ نمايان ٿين ٿيون (ڏسو، muscular system). انھن کي والنٽري مشڪون به سڏجي ٿو. ڇاڪاڻ ته اھي شعوري ضابطي ھيٺ ھجن ٿيون. ھڏايون مشڪون، مشڪي تاندورن جي جهڳٽن جون ڇڳن جي صورت ۾ ٿين ٿيون جن کي فيسيڪل (fascicles) سڏجي ٿو. ڪو به تاندورو، جن ڊگهن ايڪن جو جڙيل ٿئي ٿو انھن کي مايوفابرلَ (myofibrils) چئجي ٿو، جن جا ڪم ڪندڙ ايڪا، ايڪٽن (actin) ۽ مايسن (myosin) تاندورن جا جڙيل ٿين ٿا. ھڪ جزوي يا محدود ڪوءَ سدائين قائم رھي ٿي جنھن کي مشڪ جو زور (tone) سڏجي ٿو. سموٿ مشڪ جو واسطو اندرين عضون جي چرپر سان ٿئي ٿو. اھا شعوري ضابطي ۾ نٿي ھجي ان سبب خودمختيار (involuntary) مشڪ به سڏجي ٿي. سموٿ مشڪ ڊگهن، ڊول ۾ وَٽڻن جهڙن (spindle-shaped) سيلن جي جڙيل ٿئي ٿي ۽ ھڏائين مشڪ جيان ايڪٽن ۽ مايسن جي ساڳي سلائيڊنگ عمل سان سسي ٿي. ھن قسم جي مشڪ خودڪار تنتي سرشتي سبب متحرڪ ٿئي ٿي ته ھارمونن ۽ مشڪ جي چوگرد موجود پاڻيٺ ۾ موجود ڪيميائي مادن جي به موٽ ڏئي ٿي. دل جي مشڪ (cardiac muscle) مايوڪارڊيم (myocardium به سڏجي) رڳو دل ۾ ٿئي ٿي. اھا تال ۾ روزانو اٽڪل 100,000ڀيرا ڪوئجي ٿي ۽ جوڙجڪ ۾ ھڏائين مشڪ جيان ٿئي ٿي. ڪوءَ خودڪار تنتي سرشتي رستي، ھارمون جي اثر ھيٺ مشڪ جي تاندورن جي اِنگهجڻ سبب پيدا ٿئي ٿي. ڪنھن مشڪ جون گهڻيون عام بيماريون ضرب ۽ رت جي رسد نه ٿيڻ ٿئي ٿي. ورلي بيمارين ۾ مَسڪيولر ڊسٽرفي (muscular dystrophy) ۽ ماياسٿِينيا گريوس (myasthenia gravis) ٿين ٿيون.
Related words with: Muscle
ڇپ ڪرڻ
لِڪِي ويهڻ. دَت هڻڻ.
پاڻي ڪيڏو به اونهو، پر ڪکُ تري.
جيئن ڪکُ پاڻيءَ کان وزن ۾ هلڪو هئڻ ڪري پاڻيءَ ۾ تري ٿو، تيئن انائن کان آجو ۽ نهٺو ماڻهو به ڏکيا ڏينهن نٿو ڏسي. مثال: ”ڇُڄُ ٻُڏي، کاري ٻڏي، پروڻ ڇو ٻڏي، جنهن کي سؤ ٽنگ...؟ (ماٿيلي.... 186)
SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.
Visit the siteSLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.
Visit the libraryFor the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.
Go to portal