SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


Mumps

click word to listen sound (Source: google)
  • 🔊
  • mʌmps

From the English to Sindhi Dictionary:

Mumps

گلي جو مرض، ملو يا ملهو، ڳراڙهو


From the Dictionary of Official Terms:

Mumps

ڳراڙهو- ملو


ميڊيڪل سائنس جي لغت مان

Mumps

ممپسِ

مَلِي. عام طور تي ٻالڪپڻي ۾ ٿي پوندڙ ھڪ شديد وائرسي بيماري. جنھن جي مکيو نشاني ھڪ يا ٻنھي پيروٽڊ (parotid) غدودن جي سوزش ۽ سوڄ ٿئي ٿي جيڪي ڄاڙيءَ ۾ اندر ڪنڊائتا ٿين ٿا. مليءَ جي ھڪ ئي حملي ٿيڻ کانپوءِ سڄيءَ عمر لاءِ ان کان محفوظ رھجي ٿو. عام طور تي جڏھن کان ايم ايم آر (MMR vaccination) ويڪسينن ڏيڻ جو رواج پيو آھي تڏھن کان مليءَ جي وبا پيدا نٿي ٿئي. مليءَ جو وائرس ھوا رستي متاثر فرد جي ڊراپليٽ (droplet) سبب پکڙجي ٿو ۽ ان جو انڪيوبيشن پيرڊ (نسرڻ جو عرصو) 2 کان 3 ھفتا ٿئي ٿو. ھڪ متاثر فرد مليءَ جي نشانين ظاھر ٿيڻ کان اٽڪل ھڪ ھفتو اڳ ۽ ان جي نشانين پيدا ٿيڻ کان 2 ھفتا پوءِ به روڳي/ متاثر رھي ٿو. عام طور تي متاثر ٻارڙن ۾ ان جون نشانيون پيدا نٿيون ٿين يا ڪجهه اگهائپ محسوس ڪن ٿا ۽ پيروٽڊ غدودن جي چوگرد ڪجهه تڪليف محسوس ڪن ٿا. ڪن شديد حالتن ۾ غدودن جي چوگرد سور پيدا ٿئي ٿو ۽ چٻاڙڻ ڏکيو ٿي پوي ٿو، پوءِ ھڪ يا ٻئي غدود سڄي، سور ڪري. ڏکڻا ٿي پون ٿا. بخار ۽ مٿي جو سور به ٿي سگهي ٿو. سوڄ ھڪ ھفتي کان 10 ڏينھن اندر گهٽجي وڃي ٿي. جڏھن رڳو ھڪڙو غدود متاثر ٿي پوي ٿو ته عام طور تي پھرين جي سوڄ گهٽجڻ سان ٻيو سڄي پوي ٿو. مليءَ جي پيدا ٿيندڙ پيچيدگين ۾ وائرسي ميننجائِٽس (meningitis)، پئنڪِرياٽائيٽس (pancreatitis) ۽ اپيڊيڊيمو ـ اورڪائيٽس (epididymo-orchitis) شامل ٿين ٿيون. عام طور تي بيماريءَ جي سڃاڻپ نشانين مان ڪجي ٿي. ھن بيماريءَ جو ڪومخصوص علاج نٿو ٿئي.


.


Other Phrases of Mumps used in Daily life:

.


Mumps is also used in:

Remember Me Also:

ڀڏائڻ

مصدر. بدن تي ڪپڙا ٺهڪائي بيهارڻ.

Let's Learn Sindhi

اڄ جو پهاڪو

پاڻي ڪيڏو به اونهو، پر ڪکُ تري.

جيئن ڪکُ پاڻيءَ کان وزن ۾ هلڪو هئڻ ڪري پاڻيءَ ۾ تري ٿو، تيئن انائن کان آجو ۽ نهٺو ماڻهو به ڏکيا ڏينهن نٿو ڏسي. مثال: ”ڇُڄُ ٻُڏي، کاري ٻڏي، پروڻ ڇو ٻڏي، جنهن کي سؤ ٽنگ...؟ (ماٿيلي.... 186)

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal