
ملٽيپل اسڪليروسِز
گهڻ جسم سختي
Multiple sclerosis
ملٽي.پل ـ اس.ڪلي.رو.سس
مرڪزي تنتي سرشتي (central nervous system) جي ھڪ اھڙي آٽواِميون بيماري جنھن ۾ مغز يا مغزي ڏوريءَ يا ٻنھي ۾ موجود مائيلن (myelin) جا تھه آھستي آھستي تباه ٿي وڃن ٿا. ملٽيپل اسڪليروسس/ ايم ايس ھڪ آٽواِميون بيماري (autoimmune disorder) ٿئي ٿي جنھن ۾ اِميون سرشتو، مائيلن جي پوش تي جيڪو مغز ۽ مغزي ڏوريءَ جي ڪن تنتن کي ڍڪيندڙ ٿئي ٿو حملو ڪري ٿو. جنھن سبب متاثر ٿيندڙ تنتون/ اعصاب، تنتي اِمپلس روان ڪري نٿا سگهن نتيجي ۾ جسم جا چرپر ۽ احساسن جھڙا ڪيترا ڪم متاثر ٿي سگهن ٿا. جسم جو ڪو به حصو متاثر ٿي سگهي ٿو. ان جو ن نشانيون سُن ٿيڻ کان ڪانڊارجڻ، اڌرنگي ۽ ھنگڻ مٽڻ تي ضابطو رکي نه سگهڻ جھڙين تڪليفن ۾ پيدا ٿي سگهن ٿيون. تڪليفون مختلف عرصي لاءِ پيدا ٿي گهٽجي وڃن ٿيون جن ۾ ڊرامائي بھتر پيدا ڪري سگهجي ٿي. ايم ايس، مردن جي ڀيٽ ۾ عورتن ۾ گهڻي پيدا ٿي سگهي ٿي جنھن جو ھڪ ڪارڻ جينياتي پھلو ٿي سگهي ٿو. ڇاڪاڻ ته ورلي، اھا بيماري خاندانن ۾ ھلندي رھي ٿي. جيئن ته ايم ايس استوائي علائقن کان وڌيڪ گرم علائقن ۾ ٿئي ٿي ان سبب ان جو ڪارڻ ماحولياتي عنصر به ٿي سگهي ٿو. عام طور تي بيماريءَ جون نشانيون اوائلي ٻالڪپڻي ۾ پيدا ٿين ٿيون. مغزي ڏوريءَ جي نقص سبب چُڀ چُڀ، سُنجڻ، ٽنگن ٻانھن جي ڪمزوري، ڳڍڙيون پوڻ (spasticity)، اڌرنگو ۽ ھنگڻ مٽڻ تي ضابطو نٿو رھي. دماغ جي سفيد تنتي مادي (white matter) کي نقصان رسڻ سبب ڪمزوري، ڦيري، اَڍنگائپ، مشڪن جي ڪمزوري، وچڙيل ڳالهائڻ، ڌنڌلي ديد، ساڻائي، ڪمزوري يا منھن جو سور پيدا ٿي سگهي ٿو. دورا ڪيترن مھينن تائين ھلي سگهن ٿا. مختلف عرصي تائين گهٽتائي ٿيڻ کانپوءِ تڪليف وري اٿلي پوي ٿي ۽ ضرب، روڳ يا دٻاءَ سبب وڌي سگهي ٿي. ڪن فردن کي معمولي اٿلي پوي ٿي، ڊگهي عرصي تائين گهٽيل رھي ٿي ۽ ڪجهه دائمي اثر پيدا ڪري ٿي. ڪي فرد پھرين حملي کانپوءِ آھستي آھستي گهڻا معذور ٿي وڃن ٿا ته ڪي پھرين سال ئي گهڻا اپاھج ٿي پون ٿا. بيماري جي تشخيص جي ڪا ھڪڙي تپاس نٿي ٿئي جڏھن ته ايم آر آءِ (MRI) رستي مغز جي وائيٽ ميٽر جو نقص ظاھر ٿي سگهي ٿو. اکين جي اِووڪِڊ رِسپانس ٽيسٽ (evoked response test) ۽ سيريبِرواسپائينل (cerebrospinal) پاڻيٺ جي تپاس مان به ايم ايس جا سگهاراثبوت ملي سگهن ٿا. ايم ايس جو مخصوص علاج ڪونھي. ڪيترا ماڻھو کاڌي جي مٽ جھڙوڪ: مڇيءَ جي تيل جي فائديمند ھجڻ جي دعويٰ ڪن ٿا. ڪن حالتن ۾ انٽرفيران (interferon) بيٽا، پوندڙ دورن جو وچ وارو وقت وڌائي ۽ بگاڙ جي شرح گهٽائي سگهن ٿا.
بگلو ڀڳت
ذ. رياڪار ، مڪَار. منافق ، اندر ٻهريو.
پاڻي ڪيڏو به اونهو، پر ڪکُ تري.
جيئن ڪکُ پاڻيءَ کان وزن ۾ هلڪو هئڻ ڪري پاڻيءَ ۾ تري ٿو، تيئن انائن کان آجو ۽ نهٺو ماڻهو به ڏکيا ڏينهن نٿو ڏسي. مثال: ”ڇُڄُ ٻُڏي، کاري ٻڏي، پروڻ ڇو ٻڏي، جنهن کي سؤ ٽنگ...؟ (ماٿيلي.... 186)
SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.
Visit the siteSLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.
Visit the libraryFor the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.
Go to portal