SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


Multiple myeloma

(click word to listen sound
  • 🔊
  • mʌltipl
  • myeloma
  • )

From the Dictionary of Haematology:

Multiple myeloma

ملٽيپيل ماءِ لوما

جيو پاڻيٺ جي موتمار خلل ڪري پيدا ٿيندڙ ڪيفيت، جنهن کي جيو پاڻيٺ پلازما خلئي ماءِ لوما به سڏيو ويندو آهي. A malignant disorder of plasma cells that is also known as plasma cell myeloma


ميڊيڪل سائنس جي لغت مان

Multiple myeloma

ملٽيپل ـ مايو.لوما

ملٽيپل مايولوما کي مائلوميٽوسس (myelomatosis) به سڏجي، ملٽيپل مايولوما ھڪ ورلي ٿيندڙ ڪينسري بيماريءَ ۾ ھڏي جي مک جا پلازما سيل بي ضابطا واڌ ۽ ناقص طريقي سان ڪم ڪن ٿا. وچوليءَ کان پيرسنيءَ ۾ ٿي پوي ٿي. پلازما سيل ھڪ قسم جا بي ـ لِمفوسائيٽ (B-lymphocytes) ٿين ٿا جيڪي اِميونوگلوبيولن (immunoglobulins) پيدا ڪن ٿا ۽ روڳ کان بچائڻ ۾ مدد ڪن ٿا. ملٽيپل مائلوما ۾ واڌ ڪندڙ پلازما سيل ھڪ قسم جا اِميونوگلوبيولن حد کان وڌيڪ مقدار ۾ پيدا ڪن ٿا ته ٻين قسمن جي گهٽجي وڃي ٿي جنھن سبب روڳ ٿيڻ گهڻو ممڪن ٿي پوي ٿو. ناقص سيلن جي واڌ سبب سور ٿي پوي ٿو ۽ ھڏي جا ٽشو تباه ٿي وڃن ٿا. متاثر ريڙه ٽٽي تنتن تي دٻاءُ وجهي جسم کي سُن يا اڌرنگو پيدا ڪري سگهي ٿي. ھڏي جي تباه ٿيڻ سان رت ۾ ڪيلشم جي سطح وڌڻ سان گڏ ھڪ يا وڌيڪ اِميونوگلوبيولن جي سطح به وڌي سگهي ٿي. رت ۾ ايندڙ اھڙيون تبديليون بڪيون تباه ڪري انھن کي ناقص ڪري سگهن ٿيون. ان کانسواءِ رت جي پوڻائي (anaemia) ۽ غيرمعمولي طور تي رتھير ٿيڻ جو رجحان به پيدا ٿي سگهي ٿو. بيماريءَ جي تشخيص لاءِ ھڏي جي مک جي بايوپسي (biopsy) يا رت جون تپاسون يا پيشاب جي چڪاس (urinalysis) ۽ ايڪسري (x-rays) ڪجي ٿي. علاج ۾ شامل ٿين ٿيون ڪورٽيڪوسٽِيروائڊ (corticosteroid) اينٽي ڪينسر (anticancer) دوائون، اسٽيم سيل جي پيوندڪاري (stem cell transplantation)، ريڊيوٿراپي (radiotherapy) ۽ سھائتي علاج جن ۾ رت ڏيڻ (blood transfusions)، اينٽبياٽڪ (antibiotics) ۽ اينلجيسِڪ (analgesic) دوائون.


Remember Me Also:

ديرو ڄمائڻ

هڪ هنڌ داٻو ڪري ويهڻ ، گهڻو وقت رهڻ ، پڪي پختي رهايش ڪرڻ.

Let's Learn Sindhi

اڄ جو پهاڪو

پاڻي ڪيڏو به اونهو، پر ڪکُ تري.

جيئن ڪکُ پاڻيءَ کان وزن ۾ هلڪو هئڻ ڪري پاڻيءَ ۾ تري ٿو، تيئن انائن کان آجو ۽ نهٺو ماڻهو به ڏکيا ڏينهن نٿو ڏسي. مثال: ”ڇُڄُ ٻُڏي، کاري ٻڏي، پروڻ ڇو ٻڏي، جنهن کي سؤ ٽنگ...؟ (ماٿيلي.... 186)

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal