SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


Mucopolysaccharidosis

(click word to listen sound
  • 🔊
  • mucopolysaccharidosis
  • )

ميڊيڪل سائنس جي لغت مان

Mucopolysaccharidosis

ميوڪو.پولي.سيڪ.را. ئيڊو.سس

اھڙن موروثي ميٽابولي نقصن جو مجموعو (ڏسو، metabolism, inborn error of) جن مان ھرلرس سنڊروم (Hurler’s syndrome) بھتر ڄاتو وڃي ٿو. سڀ ميوڪوپوليسَيڪيريڊاسس نقص موروثي ٿين ٿا جن ۾ ھڪ مخصوص انزائيم (enzyme) جي غيرمعموليت موجود ٿئي ٿي. جنھن سبب جسم جي سيلن ۾ ھڪ مادي جنھن کي ميوڪوپوليسيڪيرائيڊس سڏجي گڏ ٿي وڃي ٿو. جنھن جي نشانين ۾ ھڏائين/ مرڪزي تنتي سرشتي جي نقصن سان گڏ سکڻ جا مسئلا (learning difficulties) ۽ ڪن حالتن ۾ مخصوص شبيھه ٿي وڃي ٿي. قرنيا ڌنڌلي، جيرو وڌي ۽ سنڌ سڪي سگهن ٿا. ھرلرس سنڊروم جي علاج لاءِ اسٽيم سيل (stem cell) يا بون مئرو (bone marrow) پيوند ڪري سگهجي ٿو. ٻين حالتن ۾ ورلي، انزائيم جي تبديلي تڪليفون ختم ڪري سگهي ٿي. ميوڪوپوليسيڪيرائيڊس جي معمولي حالتن ۾ ڪو ٻارڙو نسبتاً عام رواجي زندگي گذاري سگهي ٿو. گهڻيون شديد حالتون عام طور تي ٻالڪپڻي يا بالغپڻي ۾ ماري سگهن ٿيون.


Remember Me Also:

رهزاري

ث. اسم خاص. ڳاڙهي انَ ۽ تُههَ واري جُوئر جو هڪ قسم.

Let's Learn Sindhi

اڄ جو پهاڪو

پاڻي ڪيڏو به اونهو، پر ڪکُ تري.

جيئن ڪکُ پاڻيءَ کان وزن ۾ هلڪو هئڻ ڪري پاڻيءَ ۾ تري ٿو، تيئن انائن کان آجو ۽ نهٺو ماڻهو به ڏکيا ڏينهن نٿو ڏسي. مثال: ”ڇُڄُ ٻُڏي، کاري ٻڏي، پروڻ ڇو ٻڏي، جنهن کي سؤ ٽنگ...؟ (ماٿيلي.... 186)

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal