SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


Motor neuron disease

(click word to listen sound
  • 🔊
  • moutər
  • njeərən
  • diziːz
  • )

ميڊيڪل سائنس جي لغت مان

Motor neuron disease

موٽرـ نيو.ران ـ ڊِزيز

بيمارين جو ھڪ اھڙو قسم جنھن ۾ مرڪزي تنتي سرشتي (central nervous syste) جي انھن تنتن ۾ بگاڙ پيدا ٿئي ٿو جيڪي مشڪن جي ڪم تي ضابطو رکن ٿيون. جنھن سبب مشڪون ڳرڻ ۽ ڪمزور ٿيڻ شروع ڪن ٿيون، جنھن جي ڪارڻ جي ڄاڻ ڪونھي. سڀ کان وڌيڪ موٽر نيوروان بيماري، اميوٽرافڪ ليٽرل اسڪليروسس (amyotrophic lateral sclerosis/ASLor Lou Gehrig’s disesae) ٿئي ٿي. عام طور تي 50 سالن کان وڏيءَ عمر جي مردن کي متاثر ڪري ٿي. ڪي ڪيس خاندانن ۾ ھلندا رھن ٿا. عام طور تي ان جون نشانيون ھٿن، ٻانھن يا ٽنگن جي ڪمزوريءَ سان شروع ٿئي ٿي ۽ مشڪن ۾ بگاڙ پيدا ٿئي ٿو. ممڪن ٿئي ٿو ته مشڪن جي بي قاعدي سوس ۽ مشڪي ڳڍڙيون پيدا ٿين يا سيٽجي وڃن. ترت ئي چارئي، ٽنگون ٻانھون متاثر ٿي پون ٿيون. ٻئي، پروگريسو مسڪيولر ايٽروفي (Progressive muscular atrophy) ۽ پروگريسو بلبر پالسي (progressive bulbar palsy)، مشڪن جي ڪمزوريءَ واري نموني کان جيڪا اي ايل ايس کان مختلف ٿئي ٿي شروع ٿئي ٿي پر عام طور تي اڳتي ھلي اي ايل ايس ۾ مٽجي وڃي ٿي. موٽر نيوران بيماري ٻن قسمن جي ٿئي ٿي جيڪي پھريائين يا ته ٻالڪپڻي يا بلوغت دوران پيدا ٿين ٿيون. ڪيترن ڪيسن ۾ اھي موروثي ٿين ٿيون. ورنڪ ھافمن ڊزيز (Werdnig-Hoffman disesae) ابھمن کي ڄمڻ وقت يا ستت پوءِ متاثر ڪري ٿي. اٽڪل سڀني ڪيسن ۾ پروگريسو مسل وِيڪنيسِ/ مشڪن جي وڌندڙ ڪمزوري ڪيترن سالن کانپوءِ موت جو منھن ڏيکاري ٿي. ڪرانڪ اسپائينل مسڪيولر ايٽرافي (chronic spinal muscular atrophy)، ٻالڪپڻي يا بالغپڻي ۾ شروع ٿي وڌندڙ ڪمزوري پيدا ڪري ٿي پر سدائين سنگين معذوري پيدا نٿي ڪري.موٽر نيوروان ڊزيز جون ڪي مخصوص تپاسون نٿيون ٿين. تشخيص جو مدار ڪنھن نيورالاجسٽ جي ڌيان سان تپاسڻ تي ٿئي ٿو. تپاسن ۾ اي ايم جِي (EMG)، مشڪ جي بايوپسي (biopsy)، رت جون تپاسون، مائيلوگرافي (myelography)، سي ٽي اسڪيننگ (CT scannig) يا ايم آر آءِ (MRI) شامل ٿي سگهن ٿيون. عام طور تي بيماري ساه ۽ ڳھڻ سان لاڳاپيل مشڪن کي متاثر ڪري 3 کان 5 سالن اندر ماري ڇڏي ٿي. جڏھن ته اٽڪل 10 سيڪڙو متاثر 10 سالن تائين زنده رھي سگهن ٿا ۽ چند تشخيص ٿيڻ کانپوءِ به ڪن ڏھاڪن تائين حياتي ماڻي سگهن ٿا. تنت يا اعصاب جي بگاڙ کي گهٽائي نٿو سگهجي جڏھن ته فزيوٿراپيءَ (physiotherapy) ۽ مختلف قسمن جي سھائتن سان معذوري گهٽائي سگهجي ٿي. رِيلوزول (riluzole) دوا رستي زندگي انگهائي سگهجي ٿي (يا جيستائين مشيني وينٽيليٽر جي گهرج ٿئي ٿي).


Remember Me Also:

سئانتي

ذ. صفت. ماٺيڻو ، گهٽ ڳالهائيندڙ.

Let's Learn Sindhi

اڄ جو پهاڪو

ڌاريا، ڌارين جا يارَ.

ڌاريا پاڻ ۾ ڀلي ذات، قبيلي ۽ قوم جي حوالي سان ڌار ڌار هُجن، پر اُنهن جا مفاد پاڻ ۾ سلهاڙيل ۽ هڪجهڙا هوندا آهن، انڪري اُهي نه چاهيندي به پاڻ ۾ جُٽُ ۽ گڏ هوندا آهن.

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal