مارل ميجارٽي
اخلاقي اڪثريت
هي آمريڪا جو دٻاءُ پيدا ڪندڙ هڪ گروهه (Pressure Group) آهي، جنهن جو بُنياد 1959ع ۾ پيو. ان گروهه جو مقصد هُئو، ته آمريڪا جي جن علائقن ۾ ڪنهن قانون ٺاهيندڙ اداري يا سپريم ڪورٽ اهڙا معيار قائم ڪيا آهن، جيڪي آمريڪا جي اڪثريتي رهواسين جي خيالن سان ٺهڪندڙ نه آهن، ته اُنهن کي سڄي آمريڪا مان ختم ڪرايو وڃي. انهيءَ سلسلي تحت آمريڪي چونڊن ۾، اخلاقي طور قدامت پسند سياستدانن جي چونڊ مهم جي پٺڀرائي ڪرڻ هو. 1970ع جي ڏهاڪي جي پڇاڙي ۾، هيءَ تنظيم آمريڪي سياسي سرشتي ۾ ٻن تبديلين جو اُهڃاڻ بڻي. هڪ ته عيسائي بنياد پرستن ذريعي آمريڪا ۾ مذهبي گروهن جي مداخلت ۾ تيزي، آئي ۽ ٻيو ته ٽيليوزن ۽ ريڊيو ذريعي اهڙن مذهبي پرچارڪن جي شهرت ۾ اضافو ٿيو جن ميڊيا کي مذهب سان گڏ سياسي سنيهي يا پرچار لاءِ پڻ استعمال ڪيو. ان گروهه جو سربراهه ”جيري فالوبل“ هو، جڏهن ته هن تحريڪ جي بنياد وجهڻ لاءِ تحرڪ وٺندڙن ۾ پال ويرچ، رچرڊ ويگري ۽ هاورڊ فلپس شامل هئا
اڙهڻ
مصدر. پهرڻ ، وڃڻ ، اُسهڻ. جوٽجڻ ، جُٽڻ. وَهَڻ ، ڳَهڻ بار ۾. وَهڻ ، وهي هلڻ پاڻي. وسڻ برسات. ڪناية هر ڪاهڻ ، کيڙڻ. ريج ڪرڻ ، ٻني پيارڻ. مدد ڪرڻ. پاڻيءَ جو وارو وٺڻ ، پاڻي ورائڻ ت.
SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.
Visit the siteSLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.
Visit the libraryFor the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.
Go to portal