
مونروين بلاڪ
مانراويائي بلاڪ
فرانس جي اڳوڻين نو آبادين تي ٻڌل آفريقي ملڪن جي هن بلاڪ جي پهرين ڪانفرنس، لائبيريا جي گاديءَ واري هنڌ ”مانراويا“ ۾ 1961ع ۾ منعقد ٿي. هن بلاڪ جو خاص مقصد، ميمبر ملڪن درميان اقتصادي سهڪار وڌائڻ، سفارتڪاريءَ جي شعبي ۾ گڏجي آفريقي مُفادن جي نمائندگي ڪرڻ ۽ آزاد ٿيل آفريقي قومن جي گڏيل پرڏيهي پاليسي ٺاهڻ هو. هن بلاڪ جا ميمبر ”ڪاسابلانڪا“ بلاڪ جي پاليسين جي اُبتڙ، مغربي ملڪن سان سٺا ناتا رکڻ جا حامي ۽ ڪنهن به گڏيل آفرقي معاشي منڊي ٺاهڻ جا مخالف هيا. 1963ع ۾ هن بلاڪ کي ”ڪاسابلانڪا“ بلاڪ سان ملائي، Organization of African Unity (OAU) ٺاهي وئي. نائيجيريا، لائبيريا، لبيا، ايٿوپيا، تيونس، ٽوگو ۽ صوماليا هن بلاڪ جا بُنيادي ميمبر هئا
ڪاٺ ٻانڀڻ
اسم خاص. هڪ ذات جو نالو ، فقيرن جو هڪ قسم. سنڌ ۾ مسلمانن جو هڪ قبيلو. هندو فقير جيڪي امام حسين عهجي نانءَ تي خيرات وٺن.
ڌاريا، ڌارين جا يارَ.
ڌاريا پاڻ ۾ ڀلي ذات، قبيلي ۽ قوم جي حوالي سان ڌار ڌار هُجن، پر اُنهن جا مفاد پاڻ ۾ سلهاڙيل ۽ هڪجهڙا هوندا آهن، انڪري اُهي نه چاهيندي به پاڻ ۾ جُٽُ ۽ گڏ هوندا آهن.
SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.
Visit the siteSLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.
Visit the libraryFor the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.
Go to portal