
Mononucleosis, infectious
مونو.نيو.ڪليئو.سس ـ انفيڪشس
عام طور تي گلينڊيولور فيور (glandular fever) جي نالي سان سڏجي ٿو، ھڪ قسم جو شديد وائرسي روڳ پيدا ڪري ٿو، جنھن جون نشانيون تيز بخار، نڙيءَ جو سرڪو ۽ خاص طور تي نڙيءَ جا سڄيل لِمف نوڊ ٿين ٿا. گهڻو عام ايپسٽيئن بار وائرس (Epstein-Barr virus) سبب ٻالڪپڻي يا بالغپڻي ۾ گهڻو عام ٿئي ٿو. ان جي ڦھلجڻ جو ھڪ طريقو چم چٽ ڪرڻ به سمجهيو وڃي ٿو. جسم ۾ ھي وائرس، لِمفوسائيٽن (مونونيوڪليئر سيل به سڏجن) ۾ واڌ ڪري ٿو جنھن سبب اھي بيڊولا ٿي وڃن ٿا. بيماريءَ جي پھريون نشانيون بخار ۽ مٿي جو سور ٿين ٿا ان کانپوءِ لِمف نوڊ سڄي وڃن ٿا ۽ نڙيءَ جي شديد سوزش ٿي پوي ٿي. ورلي، ڪلين (tonsils) جي وڌي وڃڻ سبب ساه کڻڻ ۾ رڪاوٽ ٿي سگهي ٿي. جيري جي ھلڪي سوزش پيدا ٿي يرقان پيدا ڪري سگهي ٿي. عام طور تي تشخيص نشانين ۽ رت جي تپاس رستي ڪجي ٿي. صحتياب ٿيڻ ۾ عام طور تي 4 کان 6 ھفتا لڳي وڃن ٿا، ان جو علاج رڳو آرام ڪرڻ ٿئي ٿو. ورلي حالتن ۾ شديد سوزش گهٽائڻ لاءِ خاص طور تي جڏھن ساه جي مونجهه به پيدا ٿيندي ھجي ته ڪورٽيڪوسٽيروائڊ (corticosteroid) دوائون ڏجن ٿيون. نوبني ٿي وڃڻ کان 2 کان 3 مھينا پوءِ عام طور تي مريض منجهيل، ڪمزوري ۽ ڏينھن جي وقت ۾ ننڊاکڙائپ محسوس ڪري ٿو.
تراويح، تراويحون
ث. [ع. راحَ = آرام يا راحت ڪرڻ] نماز جون ويهه رڪعتون جي رمضان شريف ۾ عشا نماز جي فرض کان پوءِ پڙهبيون آهن جيئن ته هر هڪ چئن رڪعتن بعد ٿورو آرام وٺجي ٿو تنهنڪري هن نماز کي تراويح نماز چئجي ٿو.
پاڻي ڪيڏو به اونهو، پر ڪکُ تري.
جيئن ڪکُ پاڻيءَ کان وزن ۾ هلڪو هئڻ ڪري پاڻيءَ ۾ تري ٿو، تيئن انائن کان آجو ۽ نهٺو ماڻهو به ڏکيا ڏينهن نٿو ڏسي. مثال: ”ڇُڄُ ٻُڏي، کاري ٻڏي، پروڻ ڇو ٻڏي، جنهن کي سؤ ٽنگ...؟ (ماٿيلي.... 186)
SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.
Visit the siteSLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.
Visit the libraryFor the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.
Go to portal