
Molluscum contagiosum
مو.لس.ڪَم ـ ڪان.ٽي.جيو.سم
ھڪ بي مضر وائرسي روڳ، جنھن سبب چمڙيءَ جي مٿاڇري تي چمڪندڙ، موتيءَ جھڙيون سفيد ڳوڙھيون پيدا ٿي پون ٿيون. ھر ڳوڙھيءَ جي مرڪز ۾ ھڪ جهڪ ٿئي ٿو، زور ڏيڻ سان منجهائس چيز جھڙي پاڻيٺ وھي پوي ٿي. ان جي ڇٽڻ کان اڳ ۾ مٿس ڇلهر ڄمي ٿو. عام طور ڳوڙھيون جنسي عضون، سٿرن اندران يا منھن تي پيدا ٿي پون ٿيون. وڏن جي ڀيٽ ۾ ٻارڙا گهڻا متاثر ٿين ٿا. ھڪ فرد کان ٻئي فرد تائين روڳ متاثر فرد جي چمڙيءَ سان سڌي لاڳاپي ۾ اچڻ يا ھمبستريءَ دوران پکڙجي ٿو، ڪجهه مھينن ۾ ختم ٿي وڃي ٿو. جڏھن ته 18 مھينن تائين ھلي سگهي ٿو.
پاڇو هئڻ
سايو هئڻ ، ڇانوَ هئڻ. مهربانيءَ يا سرپرستيءَ جو هٿ هئڻ.
پاڻي ڪيڏو به اونهو، پر ڪکُ تري.
جيئن ڪکُ پاڻيءَ کان وزن ۾ هلڪو هئڻ ڪري پاڻيءَ ۾ تري ٿو، تيئن انائن کان آجو ۽ نهٺو ماڻهو به ڏکيا ڏينهن نٿو ڏسي. مثال: ”ڇُڄُ ٻُڏي، کاري ٻڏي، پروڻ ڇو ٻڏي، جنهن کي سؤ ٽنگ...؟ (ماٿيلي.... 186)
SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.
Visit the siteSLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.
Visit the libraryFor the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.
Go to portal