SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


Mobility

click word to listen sound (Source: google)
  • 🔊
  • moubilitiː

From the English to Sindhi Dictionary:

Mobility

گوڙ، ناپائداري، ڪمزوري


From the Dictionary of Commerce & Banking:

Mobility

حرڪت پذيري- نقل پذيري يا چرپر


From the Dictionary of Haematology:

Mobility

موبيلٽي

سيلانيت، حرڪت پذير، هل چل، چُرپُر


From the Dictionary of Official Terms:

Mobility

حرڪت- چرپر


From the Dictionary of International Relations:

Mobility

موبيلٽي

چُر پُر جي صلاحيت

هڪ جاءِ ، سماجي گروه ، رويي ، طبقي ، سطح کان ٻيءَ سطح تائين آزاد چُرپُرجي سگهه يا ميسر وسيلن ، شعبن ، ادارن ۽ صلاحيتن کي هڪ رُخ مان ٻئي رُخ ڏانهن موڙڻ يا لاڙڻ جي طاقت ، جيڪا تبديليءَ جي عمل کي گهربل معيار مطابق مڪمل ڪري سگهي . هن صلاحيت ذريعي ڪا به ڌُرپنهنجي بنيادي اصولن ۽ پاليسين تي سمجهوتو ڪرڻ بنا ضرورتن جي پوُرائي ، منزل تائين رسائي ، ٻين ڌُرين سان رابطي ۽ قومي مفادن جي تڪميل کي ممڪن بڻائي ٿي . بين الاقوامي تعلقات ۾ اڪثر ڪري هي اصطلاح انهيءَ فوجي چُر پُر لاءِ استعمال ڪيو ويندو آهي ، جنهن ۾ ڪا به فوج پنهنجي مُک مقصد تي قائم رهندي ، هڪ هنڌ کان ٻئي هنڌ رَسڻ ، يا هڪ سطح جي صلاحيت کان ٻيءَ سطح جي صلاحيت جي حاصلات کي ممڪن بڻائيندي آهي . خاص ڪري جڏهن ٻن ملڪن جي وچ ۾ سياسي يا سفارتي لاڳاپا خراب ٿي ويندا آهن ۽ اُهي تڪرار جي طرف وڌڻ لڳندا آهن ، ته سندن فوجون سرحدن جي طرف جيڪا ڳڻيل ڳوتيل ۽ سازوسامان سان گڏ جمع- بندي ڪنديون آهن ، ان کي هن اصطلاح سان چٽو ڪيو ويندو آهي . هي اصطلاح پهريون ڀيرو ’پُروشين فوج‘ طرفان 1850 کان1860ع تائين ڪيل جنگي تيارين جي دوران استعمال ڪيو ويو. پر ٻن مهاڀاري جنگين کان پوءِ هن صلاحيت ۾ تمام گهڻيون جدتون آيون ۽ هن مڪمل فوجي سائنس جو درجو حاصل ڪري ورتو. جنهن جي ذريعي انتهائي منظم انداز ۾ فوجي چُر پُر ۽ جنگي تيارين لاءِ خاص اصول ۽ عملي هُنر ترتيب ڏنا ويا . انهن اصولن ذريعي فوج، ان جي هٿيارن ۽ سامان کي نا هموار علائقي ، خراب موسم ۽ ڏُکين حالتن ۾ تُرت هڪ جاءِ کان ٻيءَ جاءِ تائين پهچائڻ ۾ آساني ٿيڻ لڳي ۽ ان صلاحيت سبب جنگ جي نتيجن تي حيرت جوڳا اثر پيا. جديد دور ۾ سامونڊي ۽ هوائي حوالي سان ٿيل اڳڀرائين پڻ فوجن کي هڪ کان ٻئي کنڊ تائين جلد ۽ ڪاميابيءَ سان پهچائڻ ۾ زبردست ڪاميابيون ما ڻي ورتيون آهن


Related words with: Mobility


.


Other Phrases of Mobility used in Daily life:

Remember Me Also:

عزيٰ

ذ. ع. عربستان جي هڪ بُت جو نالو جو وڻ جي شڪل وانگر هو، جنهن کي خالد بن وليد جلائي ڇڏيو هو.

Let's Learn Sindhi

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal