SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


Mitral stenosis

(click word to listen sound
  • 🔊
  • mitral
  • stenosis
  • )

ميڊيڪل سائنس جي لغت مان

Mitral stenosis

مائٽرل ـ اسٽي.نو.سس

دل جي مائٽرل وال جي منھن جو سوڙھو ھجڻ. جنھن سبب کاٻي ايٽريم (atrium) کي سختيءَ سان ڪم ڪري رت کي سوڙھي وال مان ڌڪڻو پوي ٿو. مائٽرل اسٽينوسِس عورتن ۾ گهڻو عام ٿئي ٿو جنھن سان گڏ مائٽرل انڪامپيٽينس (mitral incompetence) به ٿي پوي ٿي. عام طور تي اسٽينوسِس، ريوميٽڪ فيور (rheumatic fever) ٿيڻ سبب وال جو نقص پيدا ٿئي ٿو. ان جي مکيو نشاني سخت ڪم ڪرڻ سان ساه جي مونجهه پيدا ٿئي ٿي. جيئن جيئن مائٽرل اسٽينوسِس جي حالت بدتر ٿئي ٿي ته آخر ۾ آرام واريءَ حالت ۾ به ساه جي تڪليف پيدا ٿئي ٿي. ان جي ٻين نشانين ۾ شامل ٿين ٿيون: دل جو دھڪو (palpitations)، ايٽريئل فبريليشن (atrial fibrillation) ۽ ڳلن جو ڳاڙھو ٿي وڃڻ. کنگهن سان رت اچڻ ته ٿڪُ به ٿي سگهي ٿو. تشخيص جو مدار مريض جي ھسٽري ڄاڻڻ ۽ ڪن تپاسن جھڙوڪ: دل جا آواز ٻڌڻ ۽ اي سي جي (ECG)، ڇاتيءَ جون ايڪسري (x-rays)، اڪو ڪارڊيوگرافي (echocardiography) ۽ دل جي ڪيٿيٽيرائيزيشن (catheterization) رستي ڪجي ٿي. ٿلهي ليکي علاج لاءِ ساڳيون مائٽرل انڪامپيٽينسِ واريون دوائون ڏجن ٿيون. جيڪڏھن نشانيون برقرار رھن ته والويوپلاسٽي (valvuloplasty) رستي وال کي انگهائي سگهجي ٿو. نه ته ھرٽ ـ وال ((heart-valve آپريشن رستي وال مٽائي سگهجي ٿو.


Remember Me Also:

مورڌنيه

مُورِڌنيَه

صفت. (سن. مُورڌَنَ= ڪنڌ). ڄڀ وارو (اکر)، ڄِڀي (اکر)، زباني. (مورڌني.اکر ٽ، ٺ، ڙ، ڊ، ڍ، ڻ). (ري)، (پيش).

Let's Learn Sindhi

اڄ جو پهاڪو

ڌاريا، ڌارين جا يارَ.

ڌاريا پاڻ ۾ ڀلي ذات، قبيلي ۽ قوم جي حوالي سان ڌار ڌار هُجن، پر اُنهن جا مفاد پاڻ ۾ سلهاڙيل ۽ هڪجهڙا هوندا آهن، انڪري اُهي نه چاهيندي به پاڻ ۾ جُٽُ ۽ گڏ هوندا آهن.

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal