SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


Miscarriage

click word to listen sound (Source: google)
  • 🔊
  • miskæridʒ

From the English to Sindhi Dictionary:

Miscarriage

ٻار جو ڪرڻ، ٻار ڪهائي ٿيڻ، ناڪاميابي


From the Dictionary of Official Terms:

Miscarriage

ڪُهائي- ٻار ڪِرڻ


ميڊيڪل سائنس جي لغت مان

Miscarriage

مس.ڪي.ريج

حمل جي 24 ھفتي کان اڳ ۾ يا وايابلٽي (ڳڀيرڻ کان ٻاھر، ڪنھن به مصنوعي سھائتا کانسواءِ پنھنجي ليکي زنده رھي سگهڻ لائق) ٻچي جو ضايع ٿي وڃڻ. ڇڪين جي اڪثيريت حمل جي پھرين 12 ھفتن دوران اچي ٿي جن کي غلطيءَ وچان ماھواريءَ جو دير سان اچڻ سمجهيو وڃي ٿو. ڇڪيءَ کي ٽن قسمن ۾ ورھايو وڃي ٿو: ڇڪيءَ جي خدشي واريءَ حالت (threatened) ۾ ٻچو ڳڀرڻ ۾ زنده رھي ٿو. ڇڪيءَ اچڻ جي پڪيءَ حالت (inevitable) ۾ ابھم فوت ٿي ڳڀيرڻ مان خارج ٿي وڃي ٿو. گٿل ڇڪيءَ (missed) جي حالت ۾ ابھم فوت ٿي وڃي ٿو پر ڳڀيرڻ ۾ موجود رھي ٿو. ڇڪيءَ اچڻ جو عمل مڪمل يا اڻ مڪمل به ٿي سگهي ٿو. ھڪ مڪمل ڇڪيءَ ۾ ڳڀيرڻ جو سڄو مواد خارج ٿي وڃي ٿو. اڻ مڪمل ڇڪيِ ۾ ڳڀيرڻ جو ڪجهه مواد، ڇڪيءَ اچڻ کانپوءِ به منجهس موجود رھي ٿو. ڇڪيءَ اچڻ جا ڪارڻ ڪروموسوميائي نقص (chromosomal abnormalities)، جينياتي بيماريون (genetic disorders) يا ابھم ۾ واڌ جا نقص ٿي سگهن ٿا. ڇڪيءَ اچڻ ۾ ماءُ جي ڪارڻ ۾ شامل ٿين ٿا: شديد بيماري، ناڙي جو فيليوئر (placental failure)، اِميون (immune) سرشتي جو ڪو نقص جھڙوڪ: آٽواِميون نقص (autoimmune disorder) يا اينٽي فاسفولِپڊ سنڊروم (antiphospholipid syndrome، جنھن ۾ رت، عام رواجي حالتن جي اٻتڙ جلد دڳجي وڃي ٿي)؛ سروائيڪل انڪامپيٽينس (cervical incompetence)؛ ڳھڻ جو ڪو نقص يا ڳھڻ جا وڏا فائبُروائڊ (fibroids). جڏھن تي ڪيترن حالتن ۾ ان جي ڪنھن به ڪارڻ جي ڄاڻ نٿي پوي. ڇڪيءَ جون نشانيون گهڻي رت اچڻ سان گڏ ڳڍڙيون پوڻ. معمولي رت ضايع ٿيڻ سان گڏ شديد سور جو پوڻ يا ته ٿريٽينڊ ڇڪي يا اِڪٽوڪ (ectopic) حمل جي نشاني ٿي سگهي ٿي. نھائين جي چڪاس، پيشاب جي تپاس ۽ الٽراساوئنڊ اسڪيننگ (ultrasound scanning) رستي حمل جي حالت جو اندازو لڳائي سگهجي ٿو. جڏھن ڳڀيرڻ جو سڄو مواد خارج ٿي ويو ھجي تڏھن ممڪن ٿئي ٿو ته علاج ڪرڻ جي ضرورت نه پوي. نه ته دوائون يا ڊي اينڊ سي (D and C) ڪرڻ جي ضرورت ٿي سگهي ٿي. گٿل/ مسڊ ڇڪيءَ جي حالت ۾ دوائن رستي، ڊي اينڊ سيءَ يا انڊڪشن آف ليبر (induction of labour) رستي ڇڪيءَ جو عمل مڪمل ڪرائجي ٿو، جنھن جو مدار حمل جي حالت تي ٿئي ٿو. ريوسس نيگيٽو (Rhesus negative) عورتن کي اينٽي ڊي (anti-D/ Rho) اِميونوگلوبيولِن (immunoglobulin) ڏجن ٿيون ته جيئن ايندڙ حملن دوران ريوسِس انڪامپيٽيبلٽيءَ (Rhesus incompatibility) سبب پيچيدگيون پيدا ٿي نه سگهن.


Related words with: Miscarriage


.


Other Phrases of Miscarriage used in Daily life:

Remember Me Also:

ڀيڻي لڳڻ

مارَ پَوڻ ، پٽَ پوڻ. ڪنهن ماڳ مڪان تي چهچٽو لڳڻ. ماڻهن، جانورن وغيره جو زمين جي وڏي ايراضي تي انبوهه ٿيڻ.

Let's Learn Sindhi

اڄ جو پهاڪو

پاڻي ڪيڏو به اونهو، پر ڪکُ تري.

جيئن ڪکُ پاڻيءَ کان وزن ۾ هلڪو هئڻ ڪري پاڻيءَ ۾ تري ٿو، تيئن انائن کان آجو ۽ نهٺو ماڻهو به ڏکيا ڏينهن نٿو ڏسي. مثال: ”ڇُڄُ ٻُڏي، کاري ٻڏي، پروڻ ڇو ٻڏي، جنهن کي سؤ ٽنگ...؟ (ماٿيلي.... 186)

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal