
اڌ مٿي جو سور
Migraine
ميگرين
اڌ مٿي جو سور، مٿي جو شديد سور عام طور تي ھڪ پاسي کي متاثر ڪندڙ 4 کان 72 ڪلاڪن تائين ھلي سگهندڙ ته ان سان گڏ ديد ۾ خلل، اوڪارا ۽ الٽي به ٿي سگهي ٿي. اڌ مٿي جو سور اڙيو ٿڙيو ته مختلف وقفن تي به پئجي سگهي ٿو. اڌ مٿي جي سور جو ڪو اڪيلو ڪارڻ نٿو ٿئي جڏھن ته اھو خاندانن ۾ ٿيندو رھي ٿو. اڌ مٿي جو سور ذھني دٻاءَ، کاڌي يا حساس پھلوئن سان لاڳاپيل ٿو جنھن سبب ڪنھن وقت به ان جو حملو ٿي سگهي ٿو. ماھواري (menstruation) ۽ وات رستي استعمال ٿيندڙ حمل روڪ (contraceptive) دوائون اڌ مٿي جي سور کي چوڪ ڏئي سگهن ٿيون. اڌ مٿي جو سور ٻن قسمن جو ٿئي ٿو: ھڪ کي اورا (aura، ديد ۾ گڙٻڙ جھڙوڪ: ڌنڌلي نظر يا روشنيءَ جا تيز چمڪا) وارو سڏجي ٿو ۽ ٻيو بنا اورا (without aura) وارو. اورا واري اڌ مٿي جي سور ۾ ديد ۾ خلل پيدا ٿئي ٿو، ڪلاڪ کن ھلي ٿو، ان کانپوءِ مٿي جي ھڪ پاسي ۾ شديد سور، اوڪارا، الٽي ۽ روشنيءَ لاءِ حساسيت پيدا ٿئي ٿي. ان کانسواءِ ٻيون به عارضي اعصابي تڪليفون پيدا ٿي سگهن ٿيون جھڙوڪ: جسم جي اڌ پاسي جي ڪمزوري، ڳالهائڻ ۾ تڪليف يا سيون لڳڻ. بنا اورا واري اڌ مٿي جي سور ۾ سور، آھستي آھستي بدتر ٿيندو وڃي ٿو، عام طور تي اھو به مٿي جي ھڪ پاسي جو جنھن سان گڏ اوڪارا ۽ ورلي الٽي ٿي پوي ٿي. عام طور تي تشخيص ميڊيڪل ھسٽري ۽ جسماني تپاس جي بنياد تي ڪجي ٿي. حملي جو علاج اينلجيسِڪ (anagesic) دوائن جھڙوڪ: ايسپرِن يا پيراسيٽامول سان گڏ ضرورت مطابق ڪا اينٽي ايميٽڪ (antiemetic) دوا ڏجي ٿي. جيڪڏھن ان علاج سان فائدو نٿو ٿئي ته پوءِ ڪا به سِيروٽونن اَگونسٽس (serotonin agonists) جھڙوڪ: سُماٽرپٽن (sumatriptan) تجويز ڪري سگهجي ٿي. جيڪڏھن اَرگوٽيمين (ergotamine) مٿي جي سور شروع ٿيڻ کان اڳ ۾ استعمال ڪجي ته حملي جي پيدا ٿيڻ کان بچائي سگهي ٿي. جڏھن ته ھاڻ ورلي استعمال ٿئي ٿي. ڪنھن اونداھي ڪمري ۾ سمھڻ سان طبيعت تيزيءَ سان بحال ٿي سگهي ٿي. جيڪڏھن اڌ مٿي جي سور جا حملا بار بار پون ته اڳواٽ بچاءَ جو علاج ڪرڻ ضروري ٿئي ٿو. جيڪڏھن ڊائري رکي اڌ مٿي جي سور پيدا ڪندڙن پھلوئن جي داخلا ڪبي رھجي ته ڪنھن به اھڙي عنصر جي ڄاڻ رکي يا سڃاڻپ ڪري ان کان پنھنجو بچاءُ ڪري سگهجي ٿو ۽ سور کان بچائيندڙ دوائون به تجويز ڪري سگهجن ٿيون (وڌيڪ ڏسو، cluster headache).
Related words with: Migraine
آباداني
ث. سرسبزي ، ساوڪ ، آبادي. پوک. وَسُنئن ، بستي. رونق. خوشحالي.
پاڻي ڪيڏو به اونهو، پر ڪکُ تري.
جيئن ڪکُ پاڻيءَ کان وزن ۾ هلڪو هئڻ ڪري پاڻيءَ ۾ تري ٿو، تيئن انائن کان آجو ۽ نهٺو ماڻهو به ڏکيا ڏينهن نٿو ڏسي. مثال: ”ڇُڄُ ٻُڏي، کاري ٻڏي، پروڻ ڇو ٻڏي، جنهن کي سؤ ٽنگ...؟ (ماٿيلي.... 186)
SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.
Visit the siteSLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.
Visit the libraryFor the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.
Go to portal