SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


Microstate

(click word to listen sound
  • 🔊
  • microstate
  • )

From the Dictionary of International Relations:

Microstate

مائيڪرو اسٽيٽ

پتڪڙي رياست

گڏيل قومن ۽ دولت مُشترڪه جي معيارن مطابق 10 لک کان گهٽ آبادي رکندڙ رياستن کي ’پتڪڙيون رياستون‘ چيو ويندو آهي. خاص طور دولت مُشترڪه سان لاڳاپيل جن 27 رياستن کي با ضابطا طور ننڍيون رياستون مڃيو وڃي ٿو، انهن جا نالا هيٺينءَ ريت آهن. قبرص، مالٽا،گيانا، باربادوس، بهاماز، بيلزي، اينٽيگُئا، باربُوڊا، سينٽ لُوسيا، گرينيڊا، سينٽ وِنسنيٽ، ڊومنيڪا، سينٽ ڪِٽس- نيوس، ماريشس، بوٽسوانا، گيمبيا،سوازيلئنڊ، سيشيلز، بُرونائي، مالديوز، فجي، سولومن آئيلنڊس، الهندي سَموئا، وانائاتُو، ٽُونگو، ڪريبٽي، تُوالو ۽ نارو . مجموعي طور تي سڄي دنيا ۾ تقريبن 40 ننڍيون رياستون آهن، جن مان ڪي جاگرافيائي لحاظ کان دُنيا جي اهم گهٽن ۽ گهيڙن تي قائم آهن. انهن منجهان ڪئريبين ،هندي ۽ پئسيفڪ جي ساحلن واريون رياستون دفاعي ۽ ٻاهرين مُداخلت جي حوالي سان هيڻائيءَ ۾ ورتل آهن . 1983ع ۾ آمريڪا طرفان گرينيڊا تي ٿيل فوجي چڙهائي ءَ کان پوءِ ته دنيا جي سوچندڙ حلقن ۾ اهوتاثر پيدا ٿيو، ته ننڍيون رياستون عالمي سياست ۾ مٿي جو سور هُئڻ سبب معاشي طور تي پاڻ ڀريون نه ٿيون رهي سگهن. گڏيل قومن جي مختلف ادارن ۾ کين مليل مساوي ووٽ جي حق بابت تمام گهڻا بحث مُبا حثا ٻُڌڻ ۾ اچن ٿا. خاص طور تي آمريڪا کي ننڍين قومن جي عالمي برادريءَ ۾ حيثيت بابت تمام گهڻا تحقظات آهن


Remember Me Also:

شامت

ث. [ع. شامت < شام = نڀاڳو] اڀاڳ ، نڀاڳ ، نحوست ، ادبار ، ڪم نصيبي ، بدبختي. مصيبت ، آفت ، اُپدا ، وِپت. سختي ، دُکُ. اوسَر ، ڏکيا ڏينهن.

Let's Learn Sindhi

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal