SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


Mercury poisoning

(click word to listen sound
  • 🔊
  • məːkjuriːkɔləm
  • pɔizniŋ
  • )

ميڊيڪل سائنس جي لغت مان

Mercury poisoning

مر.ڪيو.رِي ـ پوا.ئزِ.ننگ

پاري جا زھريلا اثر. پاري جي زھر جو ھڪ گهڻو عام ڪارڻ، صنعتي پاڻيٺي پاري مان خارج ٿيندڙ بخارن ۾ ساه کڻڻ ٿئي ٿو. پاري جو ننڍڙو پاڻيٺي مقدار ڳھي وڃڻ سان زھريلو اثر پيدا نٿو ٿئي. پاري جا مرڪب آنڊي رستي جذب ٿيڻ سبب ممڪن ٿئي ٿو ته زھريلا اثر پيدا ڪري وجهن (اوڪارا، الٽي، دست ۽ پيٽ جو سور) يا چمڙيءَ کي متاثر ڪري وجهن (شديد سوزش پيدا ڪن). جسم ۾ داخل ٿيڻ کانپوءِ پارو عضون خاص طور تي مغز ۽ بڪين ۾ گڏ ٿيڻ شروع ٿئي ٿو. مغز ۾ گڏ ٿيڻ سان ساڻائي، بي ربطگي، چڙ، ڏڪڻي ۽ ھٿ پير سُن ڪري سگهي ٿو. سنگين حالتن ۾ ديد متاثر ۽ ڊِمينشيا (dementia) ٿي سگهي ٿي. بڪين ۾ گڏ ٿيڻ سان اڳتي ھلي بڪيون ناڪاره ٿي سگهن ٿيون. علاج ۾، ڪيليٽنگ ايجنٽ (chelating agents) شامل ٿين ٿا جيڪي پاري کي جسم مان خارج ڪرڻ ۾ مدد ڪري سگهن ٿا ۽ ھيموڊائليسس (haemodialysis) ڪرائڻي پوي ٿي (ڏسو، dialysis).


Remember Me Also:

ٻيجهو

ذ. نشانو ، هدف ، آچام.

Let's Learn Sindhi

اڄ جو پهاڪو

پاڻي ڪيڏو به اونهو، پر ڪکُ تري.

جيئن ڪکُ پاڻيءَ کان وزن ۾ هلڪو هئڻ ڪري پاڻيءَ ۾ تري ٿو، تيئن انائن کان آجو ۽ نهٺو ماڻهو به ڏکيا ڏينهن نٿو ڏسي. مثال: ”ڇُڄُ ٻُڏي، کاري ٻڏي، پروڻ ڇو ٻڏي، جنهن کي سؤ ٽنگ...؟ (ماٿيلي.... 186)

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal