
حيض اچڻ
Menstruation
مين.سٽرو.ئي.شن
حيض، ماھواري، جيڪي عورتون پيٽ سان نٿيون ھجن انھن جي اينڊوميٽريم (endometrium) جي وقت به وقت خارج ٿيڻ سان گڏ رت به اچڻ. عام طور تي ماھواري سامائجڻ سان شروع ٿي ۽ سنڍ ٿيڻ (menopause) تائين ايندي رھي ٿي. ماھواري، ماھواريءَ جي ڦيري (menstrual cycle) پوري ٿيڻ جي آخر ۾ اچي ٿي ۽ عام طور تي 28 ڏينھن جي ٿئي ٿي (21 کان 35 ڏينھن). ڦيري جي شروعات ۾ پٽيوئيٽري (pituitary) غدود جو ھڪ ھارمون آنيدانيءَ (ovary) جي آني جي ھڪ فولائيڪل کي متحرڪ ڪري ان کي رسائي ٿو ته اھو ايسٽروجن (oestrogen) ھارمونَ پيدا ڪري موٽ ۾ اينڊوميٽريم کي سٻر/ ٿلهو ڪري ڇڏي ٿو. عام طور تي آنجڻ (فولائيڪل مان آني جو خارج) جو عمل ماھواريءَ جي ڦيري جي وچ ۾ ٿئي ٿو. خالي ٿيل فولائيڪل به پروجيسٽيرون (progesterone) ھارمون پيدا ڪري ٿو جنھن جو ڪم اينڊوميٽريم کي سڄائي، ٿلهو ڪري پاڻيٺ سان ڀري ڇڏي ٿو. جنھن سبب ڪو به نريل (fertilized) آنو اينڊوميٽريم سان چھٽي يا پيوند ٿي سگهي ٿو. جيڪڏھن حمل ٿي نٿو سگهي ته ايسٽروجن ۽ پروجيسٽران جي پيداوار گهٽجي وڃي ٿي. اينڊوميٽريم، آنجڻ جي عمل ٿيڻ کان اٽڪل 14 ڏينھن پوءِ خارج ٿي وڃي ٿو. ڳڀيرڻ ڀيڪوڙجي ماھواريءَ جي اخراج کي رت سان گڏ گرڀ ناليءَ مان خارج ڪري ڇڏي ٿي جيڪو عمل 1 کان 8 ڏينھن تائين ھلي سگهي ٿو.
کڙ ڪيدار
ذ. صفت. کڙو ، کڙاڪيدار ، کڙڪي وارو ، آواز وارو ، ڇڻڪاٽي ، ٺِڙ ٺڙيو. تيز ، چالاڪ.
پاڻي ڪيڏو به اونهو، پر ڪکُ تري.
جيئن ڪکُ پاڻيءَ کان وزن ۾ هلڪو هئڻ ڪري پاڻيءَ ۾ تري ٿو، تيئن انائن کان آجو ۽ نهٺو ماڻهو به ڏکيا ڏينهن نٿو ڏسي. مثال: ”ڇُڄُ ٻُڏي، کاري ٻڏي، پروڻ ڇو ٻڏي، جنهن کي سؤ ٽنگ...؟ (ماٿيلي.... 186)
SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.
Visit the siteSLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.
Visit the libraryFor the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.
Go to portal