
Menorrhagia
مِي.نو.ري.جيا
ماھواريءَ (menstruation) ۾ رت جو گهڻو ضايع ٿي وڃڻ. مينورويجيا جو ڪارڻ، ايسٽروجن ھارمون ۽ پروجيسٽيرون ھارمون جي غيرمتوازن ھجڻ سبب پيدا ٿي سگهي ٿو جيڪي ماھواريءَ تي ضابطو رکن ٿا. اھڙي غيرمتوازني سبب اينڊوميٽريم (endometrium، ڳڀيرڻ جو استر) حد کان وڌيڪ پيدا ٿئي ٿو. ان کانسواءِ ڳڀيرڻ کي متاثر ڪندڙ ڪيترا نقص جھڙوڪ: فائبُروائڊ (fibroid)، نڪرا (polyps) يا ڪو پيلوڪ انفيڪشن (pelvic infection) مينوريجيا پيدا ڪري سگهي ٿو. علاج ۾ شامل ٿين ٿا نان اسٽيروائڊل اينٽي انفليميٽري (nonsteriodal anti-inflammatory) دوائون، رت جي دڳ کي متاثر ڪندڙ دوائون، ھارمون يا ڪا آءِ يو ڊي (IUD، انٽرايوٽيرائين ڊاائيس) وجهرائڻ جنھن مان ٿورڙي مقدار ۾ پروجيسٽران خارج ٿيندا رھن ٿا (ڏسو، IUS). مينوريجيا جي علاج لاءِ اينڊوميٽريل ابِليشن (endometrial ablation) به ڪري سگهجي ٿي.
وڍ ڏيڻ
پاڻي ڪيڏو به اونهو، پر ڪکُ تري.
جيئن ڪکُ پاڻيءَ کان وزن ۾ هلڪو هئڻ ڪري پاڻيءَ ۾ تري ٿو، تيئن انائن کان آجو ۽ نهٺو ماڻهو به ڏکيا ڏينهن نٿو ڏسي. مثال: ”ڇُڄُ ٻُڏي، کاري ٻڏي، پروڻ ڇو ٻڏي، جنهن کي سؤ ٽنگ...؟ (ماٿيلي.... 186)
SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.
Visit the siteSLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.
Visit the libraryFor the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.
Go to portal