SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


Menopause

click word to listen sound (Source: google)
  • 🔊
  • menəpɔːz

ميڊيڪل سائنس جي لغت مان

Menopause

مي.نو.پاز

سنڍ ٿي وڃڻ، ماھواريءَ (menstruation) جوسدا لاءِ بند ٿي وڃڻ جيڪا عام طور تي 45 ۽ 55 سالن جي وچواريءَ عمر ۾ ٿئي ٿي. عام طور تي ھي اصطلاح ان جسماني ۽ نفسياتي دور لاءِ استعمال ڪجي ٿو جڏھن ايسٽروجن (oestrogen) جي پيداوار گهٽجڻ سبب تبديليون پيدا ٿين ٿيون. سنڍجڻ جي نشانين ۾ ھاٽ فلشز (hot flushes) ۽ رات جو پگهر اچي ٿو؛ گرڀ ناليءَ جي چمڙيءَ جي سوس سبب گرڀ ناليءَ جي خشڪي پيدا ٿئي ٿي ۽ گرڀ ناليءَ مان خارج ٿيندڙ رتوبتون گهٽجي وڃن ٿيون. گرڀ نالي سسي پنھنجي لچڪ گهٽائي ڇڏي ٿي ۽ معمولي روڳن لاءِ حساس ٿي پوي ٿي. گرڀ ناليءَ جي خشڪيءَ سبب ھمبستري ڪرڻ گهڻي ڏکي ۽ تڪليف واري ٿي پوي ٿي (ڏسو، vaginitis). مثاني جي منھن ۽ پيشاب نليءَ ۾ به ساڳيون تبديليون اچن ٿيون جنھن سبب ھر ھر پيشاب ڪرڻ جي ضرورت محسوس ڪجي ٿي. ڪيترا نفسياتي مسئلا جھڙوڪ: پورو ڌيان ڌري نه سگهڻ، غمگيني، سيڪس ۾ دلچسپي نه وٺڻ، اداسي به عام طور تي سنڍجڻ سان لاڳاپيل سمجهيا وڃن ٿا. سنڍجڻ دوران ميٽابوليزم ۾ تبديليون پيدا ٿين ٿيون پر، اڳتي ھلي نشانيون/ تڪليفون پيدا ڪن ٿيون. ھڏا سنھڙا ٿي وڃن ٿا ۽ آسٽيوپوروسس (osteoporosis، ھڏا پورا) به ٿي سگهي ٿي. رت ۾ سڻڀن جو وڌيل مقدار رھي ٿو جيڪو اٿيرواسڪليروسس (atherosclerosis)، ڪورونري آرٽري (coronary artery) بيماريءَ ۽ اسٽروڪ (stroke) ۾ واڌارو پيدا ڪري سگهي ٿو. ھارمون ريپليسمينٽ ٿراپيءَ (hormone replacement therap) رستي سنڍجڻ سبب پيدا ٿيندڙ مسئلا گهٽائي سگهجن ٿا جڏھن ته اھي سنڍجڻ دوران رڳو محدود عرصي لاءِ استعمال ڪري سگهجن ٿا.


Remember Me Also:

پاڻ موکڻ

پاڻ ملهائڻ ، سوڀارو ٿيڻ ، احسان جو بدلو ڏيڻ. ڪاميابي حاصل ڪرڻ. پنهنجي لياقت ۽ حيثيت مطابق ڪم ڪري ڏيکارڻ.

Let's Learn Sindhi

اڄ جو پهاڪو

پاڻي ڪيڏو به اونهو، پر ڪکُ تري.

جيئن ڪکُ پاڻيءَ کان وزن ۾ هلڪو هئڻ ڪري پاڻيءَ ۾ تري ٿو، تيئن انائن کان آجو ۽ نهٺو ماڻهو به ڏکيا ڏينهن نٿو ڏسي. مثال: ”ڇُڄُ ٻُڏي، کاري ٻڏي، پروڻ ڇو ٻڏي، جنهن کي سؤ ٽنگ...؟ (ماٿيلي.... 186)

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal