SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


Meningitis

click word to listen sound (Source: google)
  • 🔊
  • menindʒaitis

ميڊيڪل سائنس جي لغت مان

Meningitis

مي.نن.جاءِ.ٽس

ميننجس (meninges) جي سوزش (مغز ۽ مغزي ڏوريءَ جا تھه) جيڪا عام طور تي روڳ سبب پيدا ٿي پوي ٿي. وائرسي (viral) ميننجائِٽس، سياري جي وبائن ۾ پيدا ٿئي ٿي ۽ نسبتاً معمولي ٿئي ٿي. بئڪٽيريائي (bacterial) ميننجائِٽس موتمار ٿئي ٿي ۽ عام طور تي ھيموفِيلس انفلوئينزئي (Haemophilus influenzae)، اسٽريپٽوڪوڪس نمونيئي (Streptococcus pneumoniae) ۽ ميننجوڪوڪس (Meningococcus) ٽائيپ بي (B) ۽ سي (C) بئڪٽيريا سبب ٿي پوي ٿي. عام طور تي روڳ، جسم جي ٻئي ڪنھن ھنڌ تان ميننجائس تائين رت جي گردش رستي پھچي ٿو. گهڻو ورلي کوپريءَ جي خالن تائين ڪن جي ڪنھن روڳ يا سائنِس (sinus) يا ٽٽل کوپري (skull fracture) کي لڳندڙ ھوا رستي رسي ٿو.ان جون مکيو نشانيون بخار، شديد مٿي جو سور، اوڪارا، الٽي، روشني نه وڻڻ ۽ سِيٽيل ڳچي ٿئي ٿي. وائرسي ميننجائِٽس ۾ نشانيون ھلڪيون ۽ انفلوئيزا جھڙيون لڳي سگهن ٿيون. بئڪٽيريائي ميننجائِٽس جون مکيون نشانيون ورلي ھوش وڃائڻ جي ڪجهه ڪلاڪن کانپوءِ غشي پيدا ٿي سگهن ٿيون. ميننجوڪوڪول ميننجائِٽس جي اٽڪل اڌ ڪيسن ۾ چمڙيءَ ھيٺان ڊٻڙ/ ريش به پيدا ٿي پون ٿا جيڪي دٻاءَ لڳائڻ پوءِ به ختم ٿي نٿا سگهن (ڏسو، glass test). ڊٻڙن/ ريشن جي شروعات سئي جي منھن جيترن نشانن سان ٿئي ٿي جيڪي پاڻ ۾ ملي رھڙن (bruise-like) جيان ظاھر ٿي سگهن ٿا. تشخيص لاءِ لِمبر پنڪچر (lumbar puncture) تپاس ڪجي ٿي. عام طور تي وائرسي ميننجائِٽس جي علاج جي ضرورت نٿي ٿئي ۽ ھفتي ٻن ۾ ڪن به اُگرن اثرن پيدا ڪرڻ بنا ختم ٿي وڃي ٿي. بئڪٽيريائي ميننجائِٽس ھنگامي حالت ٿئي ٿي جنھن جي علاج لاءِ نس رستي اينٽيبِياٽڪ (antibiotics) دوائون ڏجن ٿيون. ترت علاج شروع ڪرڻ سان عام طور تي مڪمل صحتيابي ٿئي ٿي. جڏھن ته ڪن حالتن ۾ مغز متاثر ٿي سگهي ٿو. ھاڻ، ٻارڙن کي بئڪٽيريائي ميننجائِٽس جي ٽن مکيو قسمن کان بچائڻ لاءِ ويڪسينون ڏجن ٿيون جيڪي آھن: ھيموفيلس انفلوئنزيئي بيڪٽيرم (Haemophilus influenzae bacterium)، ميننجوڪوڪس ٽائيپ سي بيڪٽيريم (Meningococcus type c bacterium) ۽ نيوموڪوڪس (pneumococcus) (ڏسو، immunization). بئڪٽيريائي ميننجس جي ٻين قسمن لاءِ، بچاءَ لاءِ انھن فردن کي اينٽيبِياٽڪ دوائون ڏجن ٿيون جيڪي روڳ ۾ وائکا ٿين ٿا. ميننجائِٽس جي ڪن قسمن جي بچاءَ کان سعودي عرب ڏانھن اڏام ڪندڙن جي اِميونائيزيشن ڪجي ٿي. جڏھن ته باقي ملڪن ڏانھن سفر ڪندڙن کي ڏسڻ گهرجي ته اتي وڃڻ کان اڳ ۾ ضروري ھجي ته ڪرائڻ گهرجي.


.


Other Phrases of Meningitis used in Daily life:

Remember Me Also:

سرسبز هجڻ

تازو توانو هجڻ ، خوش هجڻ. عزت وارو هجڻ ، زيب زينت حاصل هئڻ.

Let's Learn Sindhi

اڄ جو پهاڪو

پاڻي ڪيڏو به اونهو، پر ڪکُ تري.

جيئن ڪکُ پاڻيءَ کان وزن ۾ هلڪو هئڻ ڪري پاڻيءَ ۾ تري ٿو، تيئن انائن کان آجو ۽ نهٺو ماڻهو به ڏکيا ڏينهن نٿو ڏسي. مثال: ”ڇُڄُ ٻُڏي، کاري ٻڏي، پروڻ ڇو ٻڏي، جنهن کي سؤ ٽنگ...؟ (ماٿيلي.... 186)

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal