SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


Meningioma

(click word to listen sound
  • 🔊
  • meningioma
  • )

ميڊيڪل سائنس جي لغت مان

Meningioma

مينن.جِيئوما

دماغ جي ميننجس (meninges) جي ھڪ اَڪينسري (noncancerous) ڳوڙھي جيڪا ايرڪِنوائڊ ميٽر (وچين پردي) مان پيدا ٿئي ٿي ۽ عام طور تي ڊيورا ميٽر (ٻاھرين پردي) سان ڳنڍيل ٿئي ٿي. ڳوڙھي آھستي واڌ ڪري ٿي ۽ ان کان اڳ ۾ جو تڪليفون يا نشانيون پيدا ڪري تمام گهڻي وڏي ٿي سگهي ٿي. ان جي نشانين ۾ مٿي جو سور، الٽي ۽ دماغ جو ڪم متاثر ٿي سگهي ٿو. ان سان گڏ ڳالهائڻ ھليو وڃي ٿو يا ڏسڻ ۾ گڙٻڙ پيدا ٿي سگهي ٿي. جيڪڏھن ڳوڙھي کوپريءَ جي ھڏي کي متاثر ڪري ٿي ته کوپري ٿلهي ٿي ٻاھر نڪري پوي ٿي. ميننجيئومائن جي ايڪسري (x-ray) يا سي ٽي اسڪين (CT scanning)۽ کوپريءَ جي ايم آر آءِ (MRI) رستي جاچ ڪري سگهجي ٿي. عام طور تي آپريشن رستي مڪمل طور تي خارج ڪري سگهجي ٿي نه ته ريڊيوٿراپيءَ (radiotherapy) رستي علاج ڪجي ٿو.


Remember Me Also:

لار لڳائڻ

قابو ڪرڻ ، ڦاسائڻ.

Let's Learn Sindhi

اڄ جو پهاڪو

پاڻي ڪيڏو به اونهو، پر ڪکُ تري.

جيئن ڪکُ پاڻيءَ کان وزن ۾ هلڪو هئڻ ڪري پاڻيءَ ۾ تري ٿو، تيئن انائن کان آجو ۽ نهٺو ماڻهو به ڏکيا ڏينهن نٿو ڏسي. مثال: ”ڇُڄُ ٻُڏي، کاري ٻڏي، پروڻ ڇو ٻڏي، جنهن کي سؤ ٽنگ...؟ (ماٿيلي.... 186)

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal