SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


Melanoma, malignant

(click word to listen sound
  • 🔊
  • melanoma
  • malignant
  • )

ميڊيڪل سائنس جي لغت مان

Melanoma, malignant

مي.لا.نوما ـ مي.لِگ.ننٽ

چمڙيءَ جي ٿيندڙ ٽن قسمن جي ڪينسر مان گهڻو سنگين قسم. جن مان ٻه ٻيا بيسل سيل ڪارسينوما (basal cell carcinoma) ۽ اسڪوئيمس سيل ڪارسينوما (squamous cell carcinoma) ٿين ٿا. ميلگننٽ ميلانوما، ميلانوسائيٽ (ميلانن پيدا ڪندڙ سيل) جي ڳوڙھي ٿئي ٿي. ھن قسم جي ڪينسر ٿيڻ جي خطرن ۾ شامل ٿين ٿا: تيز اس ۾ گهڻو وقت وائکو ٿيڻ، ليٽي تڙڪو وٺڻ، چمڙي رنگ جي ھلڪي ھجڻ ۽ اڳ ۾ ئي گهڻن ترن جو موجود ھجڻ. گهڻي ڀاڱي ڳوڙھيون چمڙيءَ جي وائکي ٿيندڙ حصي تي پيدا ٿين ٿيون ته جسم جي ڪنھن به حصي تي پيدا ٿي سگهن ٿيون. عام طور تي ڪا به ميلانوما ڪنھن موجود تر مان اڀري ٿي جيڪو واڌ ڪري، ڳوڙھيءَ جي شڪل وٺي ٿو، رت وھائي ٿو يا مٿس ڇلر پيدا ٿي سگهي ٿو، رنگ تبديل ڪري، بيڊولن ڪنارن سان ٿي سگهي ٿو، ڪنھن ڪڙيءَ (scab) ۾ مٽجي يا خارس پيدا ڪري سگهي ٿو. ورلي، ڪو ميلانوما عام رواجي چمڙيءَ ۾ مٽجي وڃي ٿو. عام طور تي ڳوڙھي جسم جي ٻين پاسن ڏانھن وگهري وڃي ٿي. ان جي تشخيص ڪرڻ لاءِ چمڙيءَ جي بايوپسي (biopsy) ڪجي ٿي ۽ ميلانوما آپريشن رستي ڪڍي ڇڏجي ٿو. ريڊيوٿراپي (radiotherapy) يا ڪينسر ختم ڪندڙ دوائون ڏيڻ به ضروري ٿي سگهن ٿيون.


Remember Me Also:

تنبور

ذ. [ع. طَنبوُر؛ ف. تنبور = وڄائڻ جو ساز سرندي مثل، دهل] تَنبورو. دنبورو.

Let's Learn Sindhi

اڄ جو پهاڪو

پاڻي ڪيڏو به اونهو، پر ڪکُ تري.

جيئن ڪکُ پاڻيءَ کان وزن ۾ هلڪو هئڻ ڪري پاڻيءَ ۾ تري ٿو، تيئن انائن کان آجو ۽ نهٺو ماڻهو به ڏکيا ڏينهن نٿو ڏسي. مثال: ”ڇُڄُ ٻُڏي، کاري ٻڏي، پروڻ ڇو ٻڏي، جنهن کي سؤ ٽنگ...؟ (ماٿيلي.... 186)

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal