SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


Megacolon

(click word to listen sound
  • 🔊
  • megacolon
  • )

ميڊيڪل سائنس جي لغت مان

Megacolon

مي.گا.ڪو.لون

وڏي آنڊي (colon) جي تمام گهڻي واڌ، عام طور تي ان سان شديد ۽ ديرپا قبضي (constipation) به ٿي پوي ٿي. ٻارڙن ۾ ميگاڪولون ٿيڻ جو مکيو ڪارڻ؛ اَينل فشر (anal fissure)، ھرش اسپرنگس (Hirhschsprung’s) بيماري ۽ نفسياتي پھلو ٿين ٿا جيڪي ممڪن آھن ته ٽوائليٽ ٽريننگ دوران پيدا ٿيا ھجن. پيرسنن ۾ ان بيماريءَ جي ڪارڻن ۾ شامل ٿين ٿا گهڻي وقت کان طاقتور قبض ڪشا دوائن جو استعمال ڪرڻ. جيڪي فرد ڪرانڪ ڊِپريشن (depression) يا اسڪيزوفرينيا (schizophrenia) ۾ مبتلا ٿين ٿا تن کي عام طور تي ميگاڪولون ٿي پوي ٿي. ان جا ٻيا ورلي ڪارڻ ھائپوٿائروائڊزم (hypothyroidisim)، مغزي ڏوريءَ جي ضرب (spinal injury) ۽ دوائون جھڙوڪ: مارفين (morphine) ۽ ڪوڊين (codeine) ٿين ٿيون. ميگاڪولون سبب قبضي ۽ پيٽ بميل رھي ٿو. ان سان گڏ بک جي مري وڃڻ سبب وزن گهٽجي وڃي ٿو. دست تڏھن ٿي پون ٿا جڏھن نيم پاڻيٺي ڪرفتي روڪ پيدا ڪندڙ نھريءَ ڪرفتيءَ مان ٽمي وھي پوي ٿي.تشخيص لاءِ پروڪٽواسڪوپي (proctoscopy)، بيريم ايڪسري (barium x-ray) تپاس ۽ آنڊن جي مشڪن جي ڪم جون چڪاسون ڪجن ٿيون. جيڪڏھن ھرش اسپرنگس (Hirschsprung’s) بيماريءَ جو شڪ ھجي ٿو ته وڏي آنڊي جي بايوپسي (biopsy) رستي پڪ ڪري سگهجي ٿي. ڦاٿل ڪرفتيءَ کي خارج ڪرڻ لاءِ حقنو (enemas) ڏئي سگهجي ٿو. سنگين حالتن ۾ ڪرفتي ھٿ سان ڪڍڻي پوي ٿي.


Remember Me Also:

ٻل

ث. [سن. دوِ = ٻه] اُها ڳئون يا چوٿَڻي مادي جا فقط ٻه ٿڻ ڏهائي. ٻِلَهه ، ٻِٽَ ، جوڙي.

Let's Learn Sindhi

اڄ جو پهاڪو

پاڻي ڪيڏو به اونهو، پر ڪکُ تري.

جيئن ڪکُ پاڻيءَ کان وزن ۾ هلڪو هئڻ ڪري پاڻيءَ ۾ تري ٿو، تيئن انائن کان آجو ۽ نهٺو ماڻهو به ڏکيا ڏينهن نٿو ڏسي. مثال: ”ڇُڄُ ٻُڏي، کاري ٻڏي، پروڻ ڇو ٻڏي، جنهن کي سؤ ٽنگ...؟ (ماٿيلي.... 186)

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal