
Medulloblastoma
مَ.ڊ.ولا.بلاسٽوما
مغز جي ھڪ قسم جي ڪينسري ڳوڙھي گهڻي ڀاڱي ٻارڙن ۾ ٿي پوي ٿي. ڳوڙھي عام طور تي ننڍي مغز (cerebellum) مان پيدا ٿئي ٿي جنھن جو واسطو بيھڪ، توازن ۽ ربط قائم رکڻ سان ٿئي ٿو. تيزيءَ سان واڌ ڪري ٿي ۽ مغزي ڏوريءَ ۽ مغز جي ٻين حصن ڏانھن وگهري سگهي ٿي. صبح جو پوندڙ مٿي جو سور، ھر ھر ٿيندڙ الٽي ۽ اَڍنگي چال پيدا ٿي سگهي ٿي. بار بار ڪِري به پئجي ٿو. ڳوڙھي جي تشخيص لاءِ سي ٽي اسڪيننگ (CT scanning) يا ايم آر آءِ (MRI) ڪرڻي پوي ٿي. بيماري، علاج طور ريڊيوٿراپيءَ (radiotherapy) جي موٽ ڏئي ٿي جڏھن ته آپريشن ۽ ڪينسر جو دوائون ڏيڻ به ضروري ٿي سگهن ٿيون.
ڏسڻو
ذ. صفت. ڏسندڙ ، جاچيندڙ ، تڪيندڙ. ڏسڻ جهڙو ، سهڻو ، زيبائتو ، پوشيدو. سمجهو ، پارکو ، سالم عقل. لائق ، وَڙائتو ، اُچَتُ ، شايان ، شائِستو ، فضيلت ڀريو ، ڏِسڻو وائسڻو ، اشراف ، کِلِمُکُ.
پاڻي ڪيڏو به اونهو، پر ڪکُ تري.
جيئن ڪکُ پاڻيءَ کان وزن ۾ هلڪو هئڻ ڪري پاڻيءَ ۾ تري ٿو، تيئن انائن کان آجو ۽ نهٺو ماڻهو به ڏکيا ڏينهن نٿو ڏسي. مثال: ”ڇُڄُ ٻُڏي، کاري ٻڏي، پروڻ ڇو ٻڏي، جنهن کي سؤ ٽنگ...؟ (ماٿيلي.... 186)
SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.
Visit the siteSLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.
Visit the libraryFor the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.
Go to portal