
Meconium
مي.ڪو.ني.ئم
ڏَاسو، نئين ڄاول ابھم جي پھرين ڪرفتي جيڪا چيڙھالي گهاٽي گهري سائي رنگ جي، سيلن، پروٽينن، سڻڀ ۽ آنڊي جي رتوبتن جي ٺھيل پت (bile) جھڙي ٿئي ٿي. عام طور ابھم، ڏاسو ڄمڻ جي پھرين ڪجهه ڪلاڪن اندر خارج ڪن ٿا ته ڪي ڳڀيرڻ ۾ ھوندي حمل جي آخر ۾ پيٽان ويھن ٿا. ورلي ابھم ڏاسو، اَمنِياٽڪ فلوڊ ۾ ڳڀيرڻ خارج ڪري ٿو. جيڪي ابھم، ويم دوران فيٽل ڊسٽريس (fetal distress) مان گذرن ٿا يا 40 ھفتن کان مٿي حمل وارا ھجن ٿا تن ۾ اھا ڳالهه گهڻي عام ٿئي ٿي. اَمنياٽڪ فلوڊ ۾ موجود ڏاسو، ابھم ساه کڻڻ شروع ڪرڻ دوران ساه سان به کڻي سگهي ٿو جنھن سبب ورلي ھوا لنگهه بند ٿي ڦڦڙن کي نقصان پھچائي سگهن ٿا. جيڪي ابھم سِسٽڪ فائبروسس (cystic fibrosis) ۾ مبتلا ٿين ٿا انھن جو ڏاسو ايترو گهاٽو ۽ چيڙھالو ٿئي ٿو جو آنڊا ئي ٻنجي ڇڏي ٿو (ڏسو، intestine, obstruction of).
Related words with: Meconium
ڌاڳي ۾ ڳنڍ هئڻ
رنڊڪ هئڻ ، اٽڪ هئڻ ، ڀڃڪڙي هئڻ ، مونجهاري جهڙو ڪم هئڻ ، معاملو سڌو نه هئڻ.
پاڻي ڪيڏو به اونهو، پر ڪکُ تري.
جيئن ڪکُ پاڻيءَ کان وزن ۾ هلڪو هئڻ ڪري پاڻيءَ ۾ تري ٿو، تيئن انائن کان آجو ۽ نهٺو ماڻهو به ڏکيا ڏينهن نٿو ڏسي. مثال: ”ڇُڄُ ٻُڏي، کاري ٻڏي، پروڻ ڇو ٻڏي، جنهن کي سؤ ٽنگ...؟ (ماٿيلي.... 186)
SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.
Visit the siteSLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.
Visit the libraryFor the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.
Go to portal