SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


Maternal mortality

(click word to listen sound
  • 🔊
  • mətəːnlɑːnt
  • mɔːtælitiː
  • )

ميڊيڪل سائنس جي لغت مان

Maternal mortality

مي.ٽر.نل ـ مور.ٽِ.لٽي

ڪنھن به عورت جو حمل سان لاڳاپيل ڪارڻن/ پيچيدگين يا ويم ڪرڻ جي 42 ڏينھن اندر، ڇڪيءَ اچڻ يا ٻار ڪيرائڻ يا حمل سان لاڳاپيل ڪنھن سبب ڪري فوت ٿي وڃڻ. ماءُ جي موت جي شرح، موت جي ان انگ جي تشريح ڪري ٿي جيڪي رسمي طور تي ھر سال حملن سبب مري وڃن ٿيون. حاملائن جا موت يا ته حمل جي سڌين سنئين پيچيدگين سبب ٿين ٿا يا اڻ سڌيءَ طرح سان حمل جي ڪري طبي حالت بدتر ٿي وڃي ٿي. ان جا سڌا سنوان مکيا ڪارڻ ايمبولزم (embolism، ڪنھن رت نليءَ ۾ ٻنج پيدا ٿيڻ)، اينٽيپارٽم ھيمريج (antepartum haemorrhage، حمل جي اٽڪل 24 ھفتن کانپوءِ رت اچڻ، جنھن سبب ابھم کي اڻپوري رت ملڻ سبب خطري ۾ رھڻ)، پوسٽ پارٽم ھيمريج (postpartum haemorrhage، ٻار ڄمڻ کانپوءِ عام طور تي اؤر واري ھنڌ تان حد کان وڌيڪ رتھير ٿيڻ) ھائپرٽينشن (hypertension)، اِڪليمپسيا (eclampsia، حامله عورتن کي پوندڙ دورا جنھن جون نشانيون ھاءِ بلڊپريشر، مٿي جو سور، ڌنڌلي ديد ۽ ڳڍڙيون ٿين ٿيون) ۽ پيورپيرل سيپسِس (puerperal sepsis، ) ٿين ٿا. اڻ سڌن ڪارڻن ۾ دل جي بيماري، مرگهي (epilepsy) ۽ ڪن قسمن جي ڪينسر شامل ٿئي ٿي.


Related words with: Maternal mortality


Remember Me Also:

عطارد

ذ. ع هڪ گره جو نالو ، ٻُڌ ، وِهائُو.

Let's Learn Sindhi

اڄ جو پهاڪو

پاڻي ڪيڏو به اونهو، پر ڪکُ تري.

جيئن ڪکُ پاڻيءَ کان وزن ۾ هلڪو هئڻ ڪري پاڻيءَ ۾ تري ٿو، تيئن انائن کان آجو ۽ نهٺو ماڻهو به ڏکيا ڏينهن نٿو ڏسي. مثال: ”ڇُڄُ ٻُڏي، کاري ٻڏي، پروڻ ڇو ٻڏي، جنهن کي سؤ ٽنگ...؟ (ماٿيلي.... 186)

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal