
Mastoiditis
ماس.ٽوئاڊ.ي.ٽس
کوپري جي ماسٽوائڊ ھڏي جي سوزش. بيماريءَ جي پيدا ٿيڻ جو ڪارڻ وچين ڪن (ڏسو،otitis media ) کان ھوا سيلن (air cells) تائين ماسٽوائڊ ھڏي رستي ھڪ ڪيوٽيءَ جنھن کي ماسٽوائڊ اينٽرم سڏجي پکڙجندڙ روڳ ٿئي ٿو. ماسٽوئاڊيٽس ڪن جو سور ۽ ڪن پٺيان شديد سور، سوڄ ۽ حساسيت پيدا ڪري وجهي ٿو. ان سان گڏ عام طور تي بخار به ٿي پوي ٿو، ڪن مان ڪريم جھڙي پاڻيٺ وھي ٿي، آھستي آھستي ٻوڙائپ وڌي ٿي ۽ ٻاھريون ڪن ٿڙي وڃي ٿو. روڳ وڌي وڃڻ جي حالت ۾ ميننجائِٽس (meningitis)، مغز جو ڳڙه (brain abscess)، مغز جي رت نلين ۾ رت جو دڳ پيدا ٿيڻ ۽ لقوو (facial palsy) ٿي سگهي ٿو. ماسٽوئاڊيٽس جو علاج اينٽيبِياٽڪ (antibiotics) دوائن رستي ڪجي ٿو. جيڪڏھن روڳ ختم ٿي نه سگهي ته ماسٽوائڊيڪٽومي آپريشن (mastoidectomy) رستي روڳيل ھوا سيل ڪڍي ڇڏجن ٿا.
ارونهرو
صفت. اروڳ ، چاق ، چڱو ڀلو.
پاڻي ڪيڏو به اونهو، پر ڪکُ تري.
جيئن ڪکُ پاڻيءَ کان وزن ۾ هلڪو هئڻ ڪري پاڻيءَ ۾ تري ٿو، تيئن انائن کان آجو ۽ نهٺو ماڻهو به ڏکيا ڏينهن نٿو ڏسي. مثال: ”ڇُڄُ ٻُڏي، کاري ٻڏي، پروڻ ڇو ٻڏي، جنهن کي سؤ ٽنگ...؟ (ماٿيلي.... 186)
SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.
Visit the siteSLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.
Visit the libraryFor the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.
Go to portal