
Mastectomy
ماس.ٽيڪ.ٽومي
آپريشن رستي سڄو ارھه ڪٽي ڇڏڻ جيڪو عام طور تي ارھه جي ڪينسر جي علاج لاءِ ڪجي ٿو. ماسٽيڪٽومي يا ته گهڻي وگهريل ارھه جي ڪينسر لاءِ يا ڪينسر جي گهڻين ڳوڙھين جي حالت ۾ ڪري سگهجي ٿي. ننڍين ڪينسرن لاءِ لَمپيڪٽومي (lumpectomy) يا ڪواڊِرنٽيڪٽومي (quadrantectomy) مناسب ٿي سگهي ٿي. ماسٽيڪٽوميءَ ۾ ڇاتيءَ جا سڀ ٽشو (ماس) ۽ عام طور تي ڪڇ جا ڪجهه يا سڀ لِمف نوڊ (lymph nodes) ڪڍي ڇڏجن ٿا. لِمف نوڊن جا سيل تپاسي ڏسجي ٿو ته آيا ڪينسري سيل ڇاتيءَ جي ڪينسري ڳوڙھي مان پکڙجي ته نه ويا آھن. آپريشن ڪرڻ کان اڳ ۾ ڪيموٿراپي (chemotherapy) ڪري سگهجي ٿي ته جيئن ڳوڙھيءَ کي سسائي سگهجي. آپريشن عام بيھوشيءَ جي حالت ۾ ڪجي ٿي ۽ عام طور تي ڪيترن ڏينھن تائين اسپتال ۾ رھڻو پوي ٿو. ساڳي وقت ماسٽيڪٽومي ڪرڻ کانپوءِ يا اڳتي ھلي ارھه جي ٺاھه ٺوھه ڪرڻ لاءِ پلاسٽڪ سرجري (plastic surgery) به ڪري سگهجي ٿي (ڏسو، mammoplasty). آپريشن کانپوءِ علاج طور ريڊيوٿراپي (radiotherapy) ڏئي سگهجي ٿي خاص طور تي جڏھن ڪينسر لِمف نوڊن ڏانھن وگهري ويئي ھجي. عام طور تي ريڊيوٿراپي آپريشن کان ھڪ مھينو پوءِ شروع ڪجي ٿي ۽ 3 کان 6 ھفتن تائين ھلي ٿي. آپريشن کانپوءِ ٽماڪسفِن (tamoxifen) دوا يا ڪيموٿراپي به ڏئي سگهجي ٿي.
شيخ تپائي ڏيڻ
ڪنهن جي پٺيان لاهي پاهي دشمني وجهڻ. ڏنڀ ڏيڻ. تڪليفون ڏيڻ. سزا ڏيڻ.
پاڻي ڪيڏو به اونهو، پر ڪکُ تري.
جيئن ڪکُ پاڻيءَ کان وزن ۾ هلڪو هئڻ ڪري پاڻيءَ ۾ تري ٿو، تيئن انائن کان آجو ۽ نهٺو ماڻهو به ڏکيا ڏينهن نٿو ڏسي. مثال: ”ڇُڄُ ٻُڏي، کاري ٻڏي، پروڻ ڇو ٻڏي، جنهن کي سؤ ٽنگ...؟ (ماٿيلي.... 186)
SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.
Visit the siteSLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.
Visit the libraryFor the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.
Go to portal