زوردار جوابي قدم
مئسو ريٽيليئيشن
ڳرو جوابي حملو
هيءُ هڪ دفاعي فوجي نظريو آهي، جنهن ۾ هڪ رياست پنهنجي مٿان ٿيل حملي جو شديد ۽ ترت جواب ڏيندي آهي. آمريڪي صدرآئزن هاور جي پهرئين صدارتي مُدي (57-1953ع) دوران ، ”نئين نظر“ ( New Look ) پاليسيءَ تحت طئي ڪيل هن دفاعي نظريي مطابق: جيڪڏهن اڳوڻي سوويت يونين يورپ ۽ دنيا ۾ ڪنهن ٻي هنڌ تي آمريڪي مفادن خلاف اڳرائي ڪئي، ته ان جو جواب سوويت يونين مٿان زبردست جوابي ائٽمي حملي جي صورت ۾ ڏنو ويندو. ائٽمي جوابي حملي جي شڪل ۾ هيءُ پهريون قدم هو، جنهن موجب آمريڪا پنهنجا ائٽم بم آمريڪي فوج جي حوالي ڪري ڇڏيا هئا، ته جيئن ڪنهن امڪاني سوويت حملي جي نتيجي ۾، سندس بمبار جهاز به اهي بم سوويت يونين مٿان اُڇلائين. هن نظريي جي اڳتي هلي اهميت ختم ٿي، جڏهن بئلسٽڪ ميزائلن جو نظام وجود ۾ آيو. آمريڪي پرڏيهي وزير جان ’فاسٽرڊلس‘ (John Foster dulles) هن نظريي جو وڏو وڪيل هو
تتان
ظرف. تنهن هنڌ کان ، انهيءَ جاءِ کان. اُتان ، اُتان ئي.
SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.
Visit the siteSLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.
Visit the libraryFor the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.
Go to portal