
Marijuana
مارُ.و.وا.نا
ڀنگ جي ٻوٽي ڪينابس ساتيوا (Cannabis sativa) جا گونچ ۽ سڪل پن جن ۾ ھڪ چست ڪيميائي وکر ٽي ايڇ سي (THC/tetra-hydrocannabinol) ٿئي ٿو. عام طور تي ان جا پن ڇڪيا وڃن ٿا ته چاءِ طور پيتا يا کاڌي ۾ به استعمال ڪجن ٿا. مارووانا جي اثرن ۾ وات جي خشڪي، اکين جو ھلڪو ڳاڙھو ٿي وڃڻ، ڪجهه ڇسائپ ۽ گهڻي بک پيدا ڪن ٿا. عام طور تي ان جا گهڻا ظاھري احساس خاموشي ۽ صحتمندي ٿئي ٿي ته ورلي مايوسي (depression) پيدا ٿئي ٿو. وڏي وزن ۾ واپرائڻ سان خوف، مرڻ جو ڊپ ۽ وھم پيدا ٿئي ٿو. ورلي، اصلي ذھني انتشار پيدا ٿيڻ سان گڏ ماليخوليائي ڊپ، وائڙائپ ۽ ٻيون نشانيون پيدا ٿين ٿيون جيڪي عام طور تي ڪجهه ڏينھن ۾ ختم ٿي وڃن ٿيون.ڀنگ جو استعمال اسڪيزوفرينيا (schizophrenia) ٿيڻ جي وڌندڙ خطري سان به لاڳاپيل سمجهيو وڃي ٿو. ڀنگ جو لاڳيتو استعمال دائمي بي حسي ۽ بيپرواھيءَ به پيدا ڪري سگهي ٿو (ان حالت کي amotivational syndrome سڏجي ٿو).
Related words with: Marijuana
مجاز
پاڻي ڪيڏو به اونهو، پر ڪکُ تري.
جيئن ڪکُ پاڻيءَ کان وزن ۾ هلڪو هئڻ ڪري پاڻيءَ ۾ تري ٿو، تيئن انائن کان آجو ۽ نهٺو ماڻهو به ڏکيا ڏينهن نٿو ڏسي. مثال: ”ڇُڄُ ٻُڏي، کاري ٻڏي، پروڻ ڇو ٻڏي، جنهن کي سؤ ٽنگ...؟ (ماٿيلي.... 186)
SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.
Visit the siteSLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.
Visit the libraryFor the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.
Go to portal