SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


Malaria

click word to listen sound (Source: google)
  • 🔊
  • məlɛəriə

From the English to Sindhi Dictionary:

Malaria

سرءُ جو تپ، مليريا، مڇر جو تپ


From the Dictionary of Haematology:

Malaria

مليريا

مڇر جو تپ، مليريا بُخار، سرءُ جو تپ


From the Dictionary of Official Terms:

Malaria

مليريا مڇرن واري بخار جو قسم


ميڊيڪل سائنس جي لغت مان

Malaria

مليرِيا

مليريا، موسمي يا سرءَ جو تپ، ھڪ اھڙي سنگين بيماري جيڪا ھڪ پيراسائٽي پروٽوزوا (protozoa) جنھن کي پلازموڊيا (plasmodium) سڏجي سبب پيدا ٿئي ٿي. مليريا جو روڳ اَنافِليز (anopheles) مڇرن جي چڪ رستي پکڙجي ٿو ۽ سڄي استوائي علائقي ۾ موجود ٿئي ٿو. مليريا شديد بخار ۽ ڪن حالتن ۾ موتمار پيچيدگيون پيدا ڪري بڪين، جيري، دماغ ۽ رت کي متاثر ڪري ٿي. مليريا، پلازموڊيم جون پنج اسپيشيز؛ پلازموڊيم فالسيپيريم (Plasmodium falciparum)، پلازموڊيم وائِيويڪس (Plasmodium vivax)، پلازموڊيم اووَيلي (Plasmodium ovale)، پلازموديم مَليري (Plasmodium malariae) ۽ پلازموڊيم نولِيسي (Plasmodium knowlesi) پيدا ڪن ٿيون جڏھن ڪنھن مڇر ۾ ڪنھن به قسم جي مليريا جي اسپيشيز موجود ھجي ۽ ڪنھن انسان کي چڪ پائي ٿو ته پلازموڊيا ان جي رت جي دوري ۾ داخل ٿي جيري ۽ رت جي سيلن تي حملو ڪري واڌ ڪن ٿا ته رت جا ڳاڙھا سيل ڦاٽي نوان پيراسيائيٽ خارج ڪن ٿا. انھن مان ڪي رت جي نون ڳاڙھن سيلن کي روڳين ٿا ته ٻيا واڌ ڪري وڌيڪ مڇرن کي متاثرڪن ٿا. ٻين جي ڀيٽ ۾ فالسيپيريم مليريا رت جا وڌيڪ سيل روڳي ٿي جنھن سبب گهڻو سنگين روڳ پيدا ڪري ٿي. مليريا جي نشانين ۾ بخار، ڏڪڻي ۽ سياٽو شامل ٿئي ٿو. ان سان گڏ شديد مٿي جو سور، عام اگهائي ۽ الٽي به ٿي سگهي ٿي. عام طور تي بخار ڦيرن جي صورت ۾ ھر ٻئي ڏينھن (ٻيئڙ، وائيويڪس ۽ اووَيلي جي حالت ۾) يا ھر ٽئين ڏينھن (ٽيئڙ، مليريءَ جي حالت ۾) ٿي پوي ٿو. فالسيپيريم مليريا ڪجهه ڏينھن اندر ئي موتمار ثابت ٿي سگهي ٿي. رت جا روڳيل ڳاڙھا سيل چيڙھالا ٿي، جسم جي اھم عضون جي رت نلين کي ٻنجي سگهن ٿا. تري وڌي وڃي ٿي ۽ دماغ متاثر ٿي سڪتي يا ڳڍڙين ۾ مبتلا ڪري سگهي ٿو. رت جي سيلن جي تباھي ھيمولائيٽڪ اَنيمِيا پيدا ڪري ٿي (ڏسو، anaemia, haemolytic). عام طور تي بڪيون ناڪاره ٿي پون ٿيون ۽ يرقان ٿي پوي ٿو. ابتدائي تشخيص ڊپ اسٽڪ بِلڊ ٽيسٽ (dipstick blood test) سان ڪري رت جي خوردبيني تپاس رستي پئراسائيٽ ھجڻ جي پڪ ڪري سگهجي ٿي. سواءِ فالسيپيريم جي عام طور تي مليريا جي باقي اسپيشيز لاءِ ڪلوروڪوئين (chloroquine) رستي علاج ڪجي ٿو. فالسيپيريم مليريا جو علاج ڪوئنين (quinine) ۽ ڊاڪسيسائيڪلن (doxycycline)، پروگوئنل (proguanal) ۽ ايٽوواڪيوون (atovaquone) يا آرٽيميٿر (artemether) ۽ ليوميفينٽرائين (lumefantrine) سان ڪجي ٿو. وائِيويڪس يا اووَيلي مليريا ۾ مبتلا فردن کي علاج طور لازمي طور تي پريماڪوئين (primaquine) دوا استعمال ڪرڻي پوي ٿي. شديد حالتن ۾ رت ھڻائڻ جي به ضرورت ٿي سگهي ٿي. مليريا کان بچاءَ جو دوائون ھر ان فرد کي استعمال ڪرڻ گهرجن جيڪو مليريا وارن علائقن ڏانھن سفر ڪري ٿو. ان سلسلي ۾ ڊاڪٽرن سان صلاح ڪرڻ گهرجي. ساڳي وقت مناسب ڪپڙا پائڻ ته گهرجن جيئن مڇرن جي چڪ کان بچي سگهجي ۽ مڇر ڀڄائيندڙ لوشن (جھڙوڪ: DEET) مکڻ ۽ مڇردانيون استعمال ڪرڻ به ضروري ٿين ٿيون ته جيئن مڇرن جي چڪن کان بچي سگهجي.


Related words with: Malaria


.


Other Phrases of Malaria used in Daily life:

.


Malaria is also used in:

Remember Me Also:

سر سان سر ملائڻ

ها ۾ ها مِلائڻ. فسادن ۾ مددگار هجڻ.

Let's Learn Sindhi

اڄ جو پهاڪو

پاڻي ڪيڏو به اونهو، پر ڪکُ تري.

جيئن ڪکُ پاڻيءَ کان وزن ۾ هلڪو هئڻ ڪري پاڻيءَ ۾ تري ٿو، تيئن انائن کان آجو ۽ نهٺو ماڻهو به ڏکيا ڏينهن نٿو ڏسي. مثال: ”ڇُڄُ ٻُڏي، کاري ٻڏي، پروڻ ڇو ٻڏي، جنهن کي سؤ ٽنگ...؟ (ماٿيلي.... 186)

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal